شهيد خامنه اي ۽ خاندان جا مڙهه شيشي جي تابوت ۾ رکيا ويا

تهران (م ڊ) تهران ۾ شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيل سندس خاندان جي مڙهن کي شيشي جي تابوتن ۾ عوامي ديدار لاءِ رکيو ويو جتي وڏي انگ ۾ ماڻهو آخري ديدار ۽ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پهچي رهيا آهن، رپورٽن موجب اڄ تهران ۾ مرڪزي جنازي نماز ادا ڪئي  ويندي، شهيد جي جنازي نماز ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته سڀاڻي صبح جو جنازي جو جلوس تهران کان قم روانو ٿيندو، رپورٽن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته تدفين کان اڳ مڙهه عراق جي شهرن نجف ۽ ڪربلا به نيو ويندو، جڏهن ته تدفين مشهد ۾ ڪئي ويندي، گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ پاڪستاني وفد سميت مختلف ملڪن جي اڳواڻن پڻ تعزيتي تقريب ۾ شرڪت ڪري خراج عقيدت پيش ڪئي، جڏهن ته ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه جي جنازي نماز جي موقعي تي تهران ۾ لکين سوڳوار جمع ٿي ويا، جتي انتقام، انتقام ۽ آمريڪا مرده آباد جا نعرا به هنيا ويا، ڪيترن ئي سوڳوارن جي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا هئا، جن کي ايران ۾ عام طور تي انتقام ۽ خون جو بدلو وٺڻ جي علامت سمجهيو ويندو آهيا، ان موقعي تي موجود ماڻهو آمريڪا مرده آباد ۽ انتقام، انتقام جا نعرا لڳائيندا رهيا.

 

You might also like