پي سي بي پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي ليگز کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پرڏيهي ليگز کيڏڻ لاءِ رانديگرن کي اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي.
پي سي بي طرفان محمد حارث، شهاب خان، محمد نعيم، عبدالله شفيق، شامل حسين ۽ فرحان يوسف کي اين او سي جاري ڪئي وئي.
ان کانسواءِ مهراڻ ممتاز، عثمان خان ۽ علي شبير کي به اين او سي جاري ڪئي وئي آهن، محمد فاروق، محمد عمران، محمد باسط ۽ خليل احمد به اين او سي حاصل ڪندڙ رانديگرن ۾ شامل آهن.
ياد رهي ته پي سي بي 13 ڪرڪيٽرن کي گلوبل سپر ليگ 2026 لاءِ اين او سي جاري ڪئي، جڏهن ته معاذ صداقت کي پي سي بي ڪيريبين پريميئر ليگ لاءِ اين او سي ڏني آهي.

 

You might also like