دبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو پنهنجي امڙ سان آخري ملاقات جو ذڪر ڪندي جذباتي ٿي وئي.
ويجهڙ بختاور ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو جو هڪ انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي ماءُ سان آخري ملاقات جو تفصيل ٻڌائيندي جذباتي ٿي ويون.
بختاور ڀٽو چيو ته ”منهنجي سالگرهه ويجهو هئي ۽ مان ساڻس شهادت کان هڪ رات اڳ ئي ملي هئس ته هو چوڻ لڳي ته مان توکي اڳواٽ سالگرهه جون واڌايون ڏيڻ چاهيان ٿي، جنهن تي مون جواب ڏنو ته مون کي ايڊوانس مبارڪباد نه ڏيو، مون کي جنوريءَ ۾ مبارڪون ڏيجو. “ بختاور موجب، ” امان چيو ته مان توکي هاڻي ئي مبارڪباد ڏيان ٿي، سندس شهادت کانپوءِ جڏهن 18هين سالگرهه آئي ته مون کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ سڀ ڪجهه ڄاڻي پئي ۽ تيار هئي.“
ياد رهي ته بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، جنهن پنهنجي پويان هڪ اهم سياسي ورثو ڇڏيو آهي.
21 جون 1953ع تي ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهي ۽ 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ پنهنجي شهادت تائين جمهوري قدرن جي پرجوش حمايت ڪندي رهي.
هن 1987ع ۾ آصف علي زرداري سان شادي ڪئي، کين ٽن ٻارن بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو جواولاد ٿيو، جيڪي هاڻي پنهنجي امڙ جي سياسي ورثي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.