لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڀارت خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سسڪس جي آل رائونڊر جيمس ڪولز کي پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
اسڪواڊ ۾ فاسٽ بالر جوش ٽنگ، جيڪو ون ڊي فارميٽ ۾ ان ڪيپڊ آهي ۽ جوفرا آرچر کي به شامل ڪيو ويو آهي.
جوفرا آرچر آخري ڀيرو نومبر 2025 ۾ ون ڊي ميچ کيڏي هئي.
ان کانسواءِ پيسر گس ايٽڪنسن ۽ ثاقب محمود جي به ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته هيري بروڪ ٽيم جي قيادت ڪندو.
ڀارت خلاف اعلانيل انگلش اسڪواڊ ۾ هيري بروڪ (ڪپتان)، ريحان احمد، جوفرا آرچر، گس ايٽڪنسن، ٽام بئنٽن، جيڪب بيٿل، جوس بٽلر، جيمس ڪولز، سام ڪُرن، ليام ڊوسن، بين ڊڪيٽ، ول جيڪس، ثاقب محمود، عادل رشيد، جوءِ روٽ ۽ جوش ٽنگ شامل آهن.
سريلنڪا جو دورو ڪندڙ انگلش اسڪواڊ چار تبديليون ڪيون ويون آهن، جوفرا آرچر، ايٽڪنسن، محمود ۽ ڪولز کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته برائيڊن ڪارس، زڪ ڪرالي، جيمي اوورٽن ۽ لوڪ ووڊ کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
انگلينڊ جي ٽيم هن سيريز ذريعي ايندڙ سال ڏکڻ آفريڪا ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تيارين جي باظابطا شروعات ڪندي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي پهرئين ميچ 14 جولاءِ تي ايجبسٽن ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 16 جولاءِ تي ڪارڊف ۾ ۽ ٽِين ۽ آخري ميچ 19 جولاءِ تي لارڊز ۾ ٿيندي.