ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تعليم کاتي طرفان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ هندو شاگردن لاءِ سناتن ڌرم وارو نصاب پڙهائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي.
تعليم کاتي جي نصاب واري صلاحڪار فوزيا خان طرفان سمورن ڊائريڪٽرن ۽ ڊي ڊي اوز کي ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ان فيصلي تحت ٽِين ڪلاس کان پنجين ڪلاس تائين جي هندو شاگردن کي هاڻي سناتن ڌرم بابت نصاب پڙهايو ويندو، ان قدم جو مقصد اقليتي شاگردن کي انهن جي مذهبي تعليم فراهم ڪرڻ آهي.