ٽرمپ جي ڪرپٽو ڪمپني سان معاهدو، پاڪستان کي ڇا مليو؟

اسلام آباد/دوحا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خانداني ڪرپٽو ڪمپني ورلڊ لبرٽي فنانشل سان پاڪستان جو معاهدو معاشي فائدن کان وڌيڪ سفارتي اهميت رکندڙ ثابت ٿيو، جنهن پاڪستان کي ٽرمپ انتظاميا تائين غيرمعمولي رسائي فراهم ڪئي.
عالمي نشرياتي اداري الجزيرا جي رپورٽ موجب، ٽرمپ جي مالي گوشوارن موجب ورلڊ لبرٽي فنانشل 2025ع دوران رڳو ٽوڪن وڪرو مان 50 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ آمدني حاصل ڪئي، جڏهن ته پاڪستان انهن شروعاتي ملڪن مان هو جنهن ڪمپني سان سهڪار جو معاهدو ڪيو.
جنوري 2026ع ۾ پاڪستان جي ناڻي واري وزارت ورلڊ لبرٽي فنانشل سان لاڳاپيل اداري ايس سي فنانشل ٽيڪنالاجيز سان مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون، جنهن جو مقصد سرحد پار ادائيگين لاءِ يو ايس ڊي 1 (USD1) نالي ڊالر سان ڳنڍيل اسٽيبل ڪوائن جي استعمال جو جائزو وٺڻ هو.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڪمپني جي نمائندن شرڪت ڪئي.
رپورٽ موجب، اٽڪل ڇهن مهينن کانپوءِ به پاڪستان ۾ يو ايس ڊي 1 بابت ڪو پائلٽ منصوبو شروع نه ٿيو آهي، نه ئي ڪنهن ڪمپني کي مڪمل لائسنس جاري ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ان اسٽيبل ڪوائن ذريعي ڪنهن مالي ٽرانزيڪشن جي تصديق ٿي سگهي آهي.
تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ عملي طور منصوبو اڳتي نه وڌيو، پر پاڪستان کي ٽرمپ انتظاميا تائين سڌي پهچ ۽ سفارتي ويجهڙائپ حاصل ٿي، جيڪا اسلام آباد لاءِ وڏي ڪاميابي سمجهي پئي وڃي.
واضح رهي ته پاڪستان دنيا جي وڏين ڪرپٽو مارڪيٽن مان هڪ آهي ۽ گذريل سال ڪرپٽو اپنائڻ جي عالمي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي رهيو.
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ بئنڪن وسيلي ترسيل رقم رڪارڊ سطح تي پهتل آهي، تنهن ڪري يو ايس ڊي 1 جي ضرورت ۽ عملي افاديت بابت اڃا به سوال موجود آهن، ان دوران پاڪستان حڪومت ڪرپٽو شعبي جي ضابطي لاءِ ورچوئل اثاثا ايڪٽ لاڳو ڪري پاڪستان ورچوئل اثاثا ريگيوليٽري اٿارٽي (PVARA) قائم ڪئي آهي، جڏهن ته عالمي ڪرپٽو ايڪسچينجن لاءِ ضابطن تي به ڪم جاري آهي.
ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان لاءِ هن معاهدي جو سڀ کان وڏو فائدو معاشي نه پر سفارتي هو، جنهن ذريعي اسلام آباد ٽرمپ انتظاميا سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.

 

You might also like