ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پِي ايس ٽي ۽ جَي ايس ٽي طور ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس 10 جولاءِ تي طلب ڪيو ويو آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس لاءِ لاڳاپيل ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، تعليم واري وزير سردار شاهه، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ۽ ٻين لاڳاپيل ميمبرن کي دعوت ڏني وئي آهي.
پڌرائي موجب، اجلاس 10 جولاءِ تي صبح جو ساڍي يارهين وڳي سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ اميدوارن جي مسئلن جي حل لاءِ غور ويچار ڪيو ويندو.