ڪريئيٽرز ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ وڏي سهولت، واٽس ايپ ۾ يوزرنيم فيچر متعارف، نمبر لڪائڻ به ممڪن

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ واهپيدارن جي رازداري کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ نئون يوزرنيم فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل تفصيل موجب، هاڻي واهپيدارن کي پنهنجي ڪٽنب، دوستن يا ٻين ماڻهن سان رابطو ڪرڻ لاءِ لازمي طور پنهنجو فون نمبر ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي.
رپورٽ موجب، نئين يوزرنيم فيچر جي مدد سان واهپيدار پنهنجي فون نمبر کي لڪائي هڪ انوکو يوزرنيم چونڊي سگهندا، جنهن ذريعي ٻين سان رابطو ممڪن ٿيندو.
ميٽا وضاحت ڪئي آهي ته فون نمبرن تائين پهچ محدود ٿيڻ سبب واٽس ايپ گروپن ۾ شامل ٿيڻ يا ڪنهن شخص يا اداري کي پهريون ڀيرو پيغام موڪلڻ وقت واهپيدار جو فون نمبر پاڻمرادي نظام ذريعي ٻين سان شيئر نه ٿيندو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ ڀيرو يوزرنيم چونڊڻ کانپوءِ، جيڪو به شخص واٽس ايپ تي رابطو ڪرڻ چاهيندو، ان لاءِ صحيح يوزرنيم ڄاڻڻ ضروري هوندو.
ميٽا موجب، سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ جا لڳ ڀڳ 3 ارب واهپيدار موجود آهن، تنهن ڪري هر واهپيدار کي پنهنجي پسند جو يوزرنيم ملڻ لازمي ناهي.
ڪمپني اهو به واضح ڪيو آهي ته مشهور شخصيتن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن جا نالا عام واهپيدار لاءِ دستياب نه هوندا، جيئن جعلسازي ۽ دوکي کان بچي سگهجي.
هن فيچر سان ڪنٽينٽ ڪريئيٽرز، ننڍا ڪاروبار ۽ مختلف ادارا به لاڀ حاصل ڪري سگهندا، ڇاڪاڻ ته اهي انسٽاگرام ۽ فيس بڪ تي استعمال ٿيندڙ پنهنجا يوزرنيم واٽس ايپ تي به استعمال ڪري سگهندا.

You might also like