دوحا ۾ آمريڪي ۽ ايراني عملدارن جي ملاقات ٿيندي، آمريڪي صدر جي دعويٰ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته دوحا ۾ آمريڪي ۽ ايراني عملدارن جي ملاقات ٿيندي.

ٻئي پاسي ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايراني وفد جي دوحا وڃڻ جي تصديق ڪئي، پر آمريڪي عملدارن سان ملاقات جي ترديد ڪئي.

هن چيو ته ايراني وفد دوحا ضرور ويندو، پر ان جو ڌيان مفاهمتي يادداشت جي شقن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي هوندو.

You might also like