تلھار/راڄوخاناڻي( رپورٽ :محمد حنيف ملاح+امداد نظاماڻي) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين سنڌ يونائٽيڊپارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ عمار شادي حال ۾ قومي ڪچهري کي خطاب ڪندي چيو ته ڪئنال اڏڻ سان سنڌ بنجر ٿيندي سنڌ جو دارو مدار زراعت تي آهي،هن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي منشيات فروشي عروج تي آهي منشيات جي سپلائي کان وٺي وڪري تائين حڪمران جماعت ملوث آهي بجيٽ اجلاس تي رڳو ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي تي تنقيد ڪري ٽائم پاس ڪيو، وفاق سنڌ جي حصي جو پاڻي ته کڻي پيو پر معدني وسيلا زمينون زراعت ۽ صنعتن به تي وفاق قابض آهي، هوڏانهن راڄوخاناڻي ۾ راڄوخاناڻي پريس ڪلب جي اڱڻ تي سيد زين شاهه جي صدارت ۾ نوجوان اٿحاد راڄوخاناڻي پاران ھڪ فڪري ويھڪ ٿي گذري. جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو ته پاڪستان کي 79 سال ٿي ويا پر پاڙيسرين سان ٺاھ نه ڪري سگھيو آھي،ملڪ تي چند ماڻھن جو اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان قبضو آھي. هن چيو ته سوال ئي پيدا ناھي جو سنڌي ماڻهو پنھنجا وسيلا لٽجندي ڏسن ۽ ماٺ ڪري ويھن. پي پي پي ھجي توڙي ڪو ٻيو پر سنڌي ماڻھو سجاڳ ٿي چڪا آھن، پنھنجا وسيلا بچائيندا ۽ سنڌ جي وحدت تي ڪو وار برداشت نه ڪندا،هن چيو ته سنڌ جي صحت مرڪزن ۾ سھولتن جي اڻاٺ ، تعليم جو برو حشر اوھان ڏسو پيا، ڪرپشن ھاڻي فيشن ٿي وئي آھي. هن چيو ته متحد ٿيڻو پوندوهي سجاڳي جو پيغام در در پھچايو، چورن جا در بند ڪريو کين ڀڄايو. سيد زين شاه وڌيڪ چيو ته ڪو به ملڪ انصاف کان سواءِ نٿو ھلي سگھي انڪري وقت جي حڪمرانن کي سوچڻو پوندو. انھي موقعي تي روشن ٻرڙو، مير حسين بخش ٽالپ،ر امير ٿيٻو، امير آزاد پنهور، محمد افضل ڳھلڙو، ڊاڪٽر منظور نظاماڻي،بابر صديق نظاماڻي امين نظاماڻي،جنيد ڀرڳڙي،سفير نظاماڻي،وقاص نظاماڻي،نصيب نظاماڻي،اعجاز نظاماڻي،نور دانش سومرو، حيدر شاھ، سردار اعجاز ڪشميري.امان الله نظاماڻي صمد لغاري ۽ ٻيا موجود هئا.