اسلام آباد(بيورو)سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ذيلي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ انمول پنڪي کي مبينا طور فراهم ڪيل سيڪيورٽي پروٽوڪول بابت سوال اٿاريا ويا، جڏهن ته ڪاميٽي معاملي جي جاچ ۽ مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا.اجلاس دوران چيئرمين ڪاميٽي سيف الله ابڙو انمول پنڪي کي ڏنل مبينا سيڪيورٽي پروٽوڪول تي سخت اعتراض ڪندي چيو ته انمول پنڪي جي پويان ويهه ويهه پوليس موبائلون هلي رهيون آهن، هن سوال ڪيو ته معلوم ڪيو وڃي ته هن عورت جي پٺيان ڪير آهي ۽ کيس ايتري غيرمعمولي سيڪيورٽي آخر ڇو فراهم ڪئي پئي وڃي.سيف الله ابڙو چيو ته هڪ سينيٽر کي سيڪيورٽي فراهم نٿي ڪري سگهجي، پر هڪ ملزمه سان گڏ 20 گاڏين جو پروٽوڪول موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته، سينيٽر کي ڇڏيو، هي عورت ته ڄڻ پوري پارليامينٽ کان به وڏي نظر اچي ٿي،هن چيو ته انمول پنڪي کي وزيراعظم کان به وڌيڪ سيڪيورٽي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، ۽ جيڪڏهن هوءَ سنڌ ۾ رهي ته سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي، بلڪه جلد کيس صدارتي ايوارڊ ملي سگهي ٿو. ڊي آءِ جي سائوٿ سيد علي رضا ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته انمول پنڪي کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو هو.