پريا ڪماري، اجالا سولنگي ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو جاري

سکر(رپورٽ: رستم انڍڙ) مغوي معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڪالهه  چوٿين ڏينهن احتجاجي ڪئمپ قائم رھي ، مغوين ٻارڙن جي وارثن سميت سياسي سماجي توڙي شھري ڌرڻي ۾ شريڪ رھيا ، ان موقعي تي  نذير کوکر،سڪندر سولنگي،ڪامريڊ سولنگي،پرويز سھتو،مغوي اجالا سولنگي جي والد شمس الدين سولنگي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيوته  پريا ڪماري،اجالا  سولنگي،صبا ڪلھوڙو ،نويد لاشاري،فاطمه تيوڻو، علي اصغر مڱريو،نياڻي خوشي،آصفه مغل سميت  سڄي سنڌ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن جي بازيابي تائين ھي ڌرڻي جي ڪيمپ قائم رھندي،هنن چيو ته  اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن جي رياست کي خبر آهي ته  اغوا ڪار ۽ کين جا سهولتڪار ڪير آھن اُنھن کي سڀ ڄاڻ ھوندي به اسان جا  معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪارن کان آزاد نٿو ڪرايو وڃي ، ھنن وڌيڪ چيوته ڪجهھ ٻارڙن جي اغوا بابت جوابدارن خلاف نالن سان ايف آئي آر داخل ٿيل آھن پر  رياستي ادارن پاران انھن جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي،ھنن  چيف آف آرمي اسٽاف ، چيف جسٽس آف پاڪستان ، ۽ ٻين عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي مغوي معصوم ٻارڙن جلد بازياب ڪرايو وڃي

You might also like