ڪجهه عنصر سنڌ بابت ناڪاري تاثر پکيڙين ٿا:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام کي بنيادي سھولتن جي فراھمي سنڌ حڪومت جي پھرين اوليت آھي، بجيٽ 2026-27  ۾ ڪراچي جي لاءِ 100 ارب رُپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آھي. ھڪ بيان ۾ هن  چيو تھ ڪراچي جي لاءِ  رکيل فنڊز پاڻي جي فراھمي، گندي پاڻي جي نيڪال، روڊن جي تعمير ۽ بحالي ۽ ٻين عوامي سھولتن تي خرچ ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت عوام جي سفري صرورتن جي پورائي لاءِ تاريخي قدم کڻي رھي آھي، 500 جديد اليڪٽرڪ بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون جلد ڪراچي جي روڊن تي ھلندي نظر اينديون. هن چيو ته روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ سنڌ حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو اھم ٿنڀ آھي، بجيٽ ۾ نوجوانن جي روشن مستقبل کي خاص اھميت ڏني وئي آھي، صنعتي زونز، ترقياتي رٿائون، ٽرانسپورٽ اسڪيمون ۽ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن ذريعي ھزارين نوجوانن  جي لاءِ روزگار جا نوان دروازا کُلندا. هن جو چوڻ ھو ته ڪجهھ عنصر سياسي مقصدن لاءِ ڪراچي ۽ سنڌ جو منفي تاثر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، عوام ترقياتي منصوبن، بھتر ٽرانسپورٽ، جاري تعميراتي ڪمن ۽ عوامي فلاح جي لاءِ قدمن کي پنھنجي اکين سان ڏسي رھيو آھي،

You might also like