ڪراچي(عوامي آواز نيوز) بلوچستان جي علائقي دشت ۾ تازو ٿيل فائرنگ واري افسوسناڪ واقعي ۾ مارجي ويل ڪراچي جي واپاري علي جميل جي والد پنهنجي پٽ جي قتل تي ڏکوئيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪندي حڪومت ۽ اختيارين کان تلخ سوال پڇيا آهن.هن روئيندي چيو ته جيڪڏهن بلوچستان پاڪستان جو حصو آهي ته اتي شهرين کي تحفظ ڇو حاصل ناهي؟ منهنجو پٽ بلوچستان کي پنهنجو ئي ملڪ سمجهي گهمڻ لاءِ ويو هو.غم ۾ ٻڏل والد چيو ته مون کي معاف ڪيو، پر مان سڀني کي اپيل ٿو ڪريان ته اڄ کان پوءِ ڪو به بلوچستان نه وڃي، ڇاڪاڻتہ اتي شهرين جون جانيون محفوظ ناهن.هن اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته مان حڪومت يا ڪنهن کان به ڪجهه نٿو گهران، منهنجي فقط اها التجا آهي ته منهنجو پٽ آخري قرباني هجي، ان کان پوءِ ڪنهن ٻئي جو ٻار اهڙي ريت گولين جو نشانو نه بڻجي ۽ ڪنهن ٻئي جو گهر نه اجڙي.علي جميل جي والد انتظاميا ۽ سيڪيورٽي جي دعوائن تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن اهو اسان جو ملڪ آهي ته پوءِ اهو علائقو به اسان جو هجڻ گهرجي ۽ اتي اسان کي مڪمل تحفظ ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ واضح طور ٻڌايو وڃي ۽ سرحد تي لکي ڇڏيو وڃي ته جيڪو به اڳتي ويندو، اهو پنهنجي ذميواري تي ويندو،