لاهور(جنيد سليم)پنجاب حڪومت ڏوهن جي روڪٿام جي نالي تي جيڪو نئون بل آڻي رهي هئي، ان کي آگسٽ تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، بل تحت بئنڪ اڪائونٽ منجمد،جائيداد،موبائل فون ضبط،آن لائن موجودگي ختم ۽ اليڪٽرانڪ نگراني ڪري سگهبي،بل تحت ٽن سطحن تي انٽيليجنس ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون، ان بل هر طرف بيچيني جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي. نون ليگ جي اندر مان به هاڻي ان بل جي خلاف کلي ڪري آواز اٿڻ لڳا آهن. جئين ئي ان بل جي خلاف اختلافي آواز بلند ٿيڻ لڳا ته ان بل جو خالق قرار ڏنو ويندڙ ايم پي اي خالد محمود رانجھا به صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو ته مون هي بل بڻايو ئي ناهي. هن چيو ته جي منهنجي ته حڪومت ڊيوٽي لڳائي هئي ته توهان هي بل بڻائڻو آهي ۽ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻو آهي، مان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ جيڪو انڪشاف اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان ڪيو آهي، ان مان ته پتو پوي ٿو ته هي بل تمام آئيني تقاضا ۽ مرحلا بلڊوز ڪري، چيڀاٽي، پيرن هيٺان لتاڙي پوءِ آندو پيو وڃي. اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان بل کان لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن هي بل ايوان ۾ پيش ٿيو ته مون کي ٻڌايو ڇو نه ويو؟ بل تي لاعلمي تي سخت ايڪشن وٺندس. انگريز دور جو نوآبادياتي نظام جو قانون هتي آڻڻ ممڪن ناهي. اسپيڪر جي منظوري کان سواءِ بل اسٽينڊنگ ڪميٽي تائين ڪيئن پهتو؟ ڪيئن منظور ڪرايو ويو؟ ۽ ان بل جي حوالي سان ٻيا به ڪيترائي سوال کڙا ٿي ويا آهن.پنجاب ۾ بلدياتي اليڪشن کان پهرين ان بل جو آندو وڃڻ ٻڌائي رهيو هو ته ان جو استعمال سياسي مخالفن جي خلاف ٿي سگهي ٿو. سينئر صحافي نجم سيٺي ان خدشي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت جيڪو نئون بل آڻي رهي آهي، اهو ان ڪري جو پنجاب ۾ هڪ سياسي جماعت يعني تحريڪ انصاف جو زور آهي. سڌي ڳالهه آهي ته اها جماعت اڃا تائين فارغ ناهي ٿي