لاهور(جنيد سليم) پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي جھنگ مان ايم پي اي رانا شهباز احمد چيو ته حڪومت پوليس جي حفاظت ۽ ڪارڪردگي لاءِ وڏو فنڊ رکيو آهي، مگر هي عوام جي حفاظت جي بجاءِ ڪرپشن ۽ بدعنواني جو ذريعو بڻجي ويو آهي. رانا شهباز احمد تجويز ڏني ته پوليس جي بجيٽ گهٽائي ڃي ڇو ته هي قومي خزاني ۽ عوام ٻنهي تي بار آهي. هن چيو ته ٿاڻن ۾ ڪو درخواست کڻي وڃي ته ان کان طرح طرح جون فرمائشون ڪيون وينديون آهن. ڪنهن ٿاڻي ۾ نئون ٿاڻيدار مقرر ٿي وڃي ته ان لاءِ شهرين کان ايستائين جو فريج، ڊسپينسر ۽ نئين کٽ تائين جي رشوت ورتي ويندي آهي. رانا شهباز احمد خطرناڪ انڪشاف ته پڪڙيل جوابدارن جي ‘فل فرائي’ ۽ ‘هاف فرائي’ جا اگهه مقرر آهن،. ٻڌايو ويو ته هاف فرائي يعني ڄنگهن ۾ فائر لڳڻ کان بچڻ لاءِ ريٽ جيڪو آهي اهو 15 لک کان هڪ ڪروڙ تائين آهي، ۽ فل فرائي يعني جان سان مارڻ کان بچڻ لاءِ ريٽ هڪ ڪروڙ روپين کان شروع ٿئي ٿو. هن ٻڌايو ته گوجرانوالا ۾ هڪ ٻه نه، چار سئو ماڻهن کي هاف فرائي ڪيو ويو آهي، ۽ اهي ڏوهه پوليس جي اندر ايتري وڏي پيماني تي ٿي رهيا آهن جو هاڻي پنجاب پوليس ۾ پوليس آفيسر جيڪي آهن اهي بلٽ پروف گاڏين ۾ ويهن ويهن گن مين سان ويهندا آهن ۽ وچولي درجي جو هڪ آفيسر به وڏي سيڪيورٽي کان سواءِ نٿو هلي. يعني عوام جي حفاظت لاءِ رکيل پوليس جي حفاظت پاڻ ڪرڻي پئجي رهي آهي!