ھڪ احتجاج

روبينه ابڙو

پکين  جو ڪوئي

مذهب ناهي هوندو

نه ئي اُنھن جو ڪو فرقو هوندو آھي

جنھن ۾ ڦاسي پون….

اُنھن جا نالا به

انسان پنھنجي سھولت لاءِ

اُنھن جي پَرن تي لکي ڇڏيا آهن،

خبر ناهي

پکين کي پنھنجي نالن جي به خبر هوندي يا نه!؟

پر پکي ايترو ضرور ڄاڻن ٿا

آکيرو ڪيئن بچائبو آهي

ٻچي کي پَرن هيٺ ڪيئن لڪائبو آهي

۽ شام جو ڪوئي ٻچو گهر نه اچي ته

وڻن ۾ ڪيئن واڪا ڪبا آهن!؟

ڪنھن به پکيءَ کي

ڪڏهن به

ڪنھن ٻئي پکيءَ جو ٻچو چورائيندي نه ڏٺو ويو آهي؛

ڪنھن به پکيءَ

ڪنھن ماءُ جي دل ۾

جُدائيءَ جو خنجر نه کوڙيو آهي،

سڀني پکين  کان پُڇڻ گُھرجي

آسمان جا رهواسيو!

زمين تي رهندڙ انسانَ

اوهان کان ايترو پوئتي ڪيئن رهجي ويا آهن؟

توهان جڏهن گڏجي ڦَڙڦڙايو ٿا ته

وڻن جا پَن ڏَڪي وڃن ٿا

۽ سڄو آسمان هڪ ڊگهي ماتمي

دانھن ۾ بدلجي وڃي ٿو

۽ پوءِ

هر پَکي

پنھنجي آکيري ڏانھن

حفاظت سان موٽي وڃي ٿو

پر اسان جي پريا ڪماري

پنھنجي آکيري ڏانھن ڪڏهن موٽندي؟

هوءَ اڃان تائين

ڪنھن اُونداهي جهنگ ۾ ڇو قيد آهي؟

جتي کيس اهو به

سمجھه ۾ نه ايندو هوندو ته

درندا انسان آھن يا انسان ئي درندا آھن

۽ پکي

رحم دل ڇو هوندا آهن.؟

اچو ته ھاڻي اسين

پريا ڪماريءَ لاءِ

پکين کان احتجاج ڪرايون!!!

 

You might also like