ڪراچي تي وڌندڙ معاشي دٻاءُ

مظهر عباس

اڪثر اسان ٻهراڙي سنڌ ۽ شهري سنڌ جي سياست ۽ اختلافن کي لساني عينڪ سان ڏسون ٿا ۽ انهن جو حل به ساڳئي زاويي سان ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. شايد اهو ئي سبب آهي جو ست ڏهاڪن کان پوءِ به اهي اختلاف گهٽجڻ بدران وڌندا رهيا آهن، ۽ انهن جو سڀ کان وڏو اثر ۽ بار صوبي جي گادي واري شهر ۽ ملڪ جي معاشي مرڪز ”ڪراچي“ تي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته پنجاب کان سواءِ ٻين صوبن ۽ خود ٻهراڙي سنڌ ۾ ڪاروبار ۽ روزگار جا وسيع ذريعا نه پيدا ڪيا ويا ۽ نه ئي ترقياتي منصوبابندي ٿي، تنهنڪري سڄو بار ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ ”مني پاڪستان“ سڏجندڙ ڪراچي تي اچي پيو، جيڪو نه ان لاءِ تيار هو ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪا اڳواٽ منصوبابندي ڪئي وئي هئي.

جڏهن معاشي نابرابري وڌي ته سياسي اختلافن ۾ به اضافو ٿيو ۽ اهي آخرڪار لساني رنگ اختيار ڪري ويا. اڄ به ان جو حل صرف ڪراچي يا شهري سنڌ جي ترقي ۾ نه، پر پوري سنڌ جي متوازن ترقي ۾ موجود آهي، جنهن لاءِ صوبي جي سڀني وڏن شهرن کي ترقي ڏيڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڀلي ڪيتريون ئي سڙڪون، پلازا ۽ بلند عمارتون ٺاهيون وڃن، نه هن شهر جو پاڻي جو مسئلو حل ٿيندو، نه بجلي ۽ گيس جا مسئلا، نه ئي تعليم ۽ صحت جون سهولتون بهتر ٿينديون. ۽ جڏهن معاشي مسئلا وڌندا آهن ته ڏوهن ۾ به واڌ ٿيندي آهي. جنهن شهر جي آبادي پاڪستان جي قيام وقت صرف چند لک هئي، اها اڄ ٽن کان چئن ڪروڙن جي وچ ۾ پهچي چڪي آهي ۽ مسلسل وڌي رهي آهي.

اڄ کان 78 سال اڳ برصغير جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ لکين مهاجر، جن مان اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي هئي جيڪا سنڌ ڏانهن آئي، جن مان وڏي تعداد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ٿي. خواب سڀني جا هڪجهڙا هئا، تنهن ڪري هتان جي مقامي سنڌين کين دل کولي ڀليڪار ڪيو ۽ مهمان نوازي جي نئين تاريخ رقم ڪئي.هي اهو دور هو، جڏهن سائين جي ايم سيد جي هٿ ۾ به مسلم ليگ جو جهنڊو هو ۽ لياقت علي خان جي هٿ ۾ به. پاڪستان جي قيام واري قرارداد به جي ايم سيد ئي پيش ڪئي هئي. تاريخي طور پاڪستان جي تحريڪ سياسي ۽ معاشي حقن جي تحريڪ هئي، جنهن جو مقصد خاص طور مسلمانن جا مسئلا حل ڪرڻ هو. ڪنهن ان کي مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ تصور ڪيو ته ڪنهن اسلامي رياست.پر پوءِ وقت سان گڏ اختلاف وڌندا ويا ۽ نئين ملڪ ۾ انهن جي شدت وڌيڪ ٿي وئي، جنهن جو هڪ وڏو سبب ان وقت جي قيادت جي سياسي ناڪامي هئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ نه ڪو واضح معاشي منصوبو سامهون آيو ۽ نه ئي ملڪ جي ترقي جي ڪا واضح سمت طئي ٿي سگهي. صاف ظاهر هو ته مسلم ليگ پاڻ ئي اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان ۾ ورهائجي چڪي هئي. ٻئي طرف، جنهن هندستان کان اسان جدا ٿياسين، ان فوري طور پنهنجي معاشي ۽ سياسي رخ جو تعين ڪيو، جاگيرداري نظام جي خاتمي کان معاشي سڌارن جي شروعات ڪئي ۽ سياسي معاملن لاءِ آئين جي حڪمراني ۽ جمهوري قدرن کي اختيار ڪيو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي وفاقي گادي جو هنڌ بڻيو، پر ڪجهه عرصي بعد اوچتو گادي اسلام آباد منتقل ڪئي وئي. ان وقت نوڪر شاهي يا بيوروڪريسي ۾ اردو ڳالهائيندڙن ۽ شروعاتي دور ۾ بنگالين جي اڪثريت هئي، جيڪا آهستي آهستي گهٽجندي وئي. اردو ڳالهائيندڙ سول سرونٽن پنجاب جي بيوروڪريسي سان مفاهمت ڪري ورتي. صرف ڏهن سالن بعد ملڪ ۾ پهريون مارشل لا لڳو، جيڪو ڏهن سالن تائين جاري رهيو. ڪيترن ماڻهن ۽ ان وقت جي آفيسرن جو دعويٰ آهي ته ان دور ۾ ملڪ لاءِ مڪمل معاشي منصوبو ڏنو ويو، پر ڇاڪاڻ ته ايوب خان وٽ نه آئيني مينڊيٽ هو ۽ نه ئي سياسي جواز، تنهنڪري جڏهن صدارتي چونڊون ڪرايون ويون ته محترمه فاطمه جناح جي شڪست سياسي اختلافن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو، جنهن جو سڀ کان وڏو اثر ڪراچي تي پيو.شهر جو ماسٽر پلان، جيڪو وفاقي گادي جي تصور سان تيار ڪيو ويو هو، ان ۾ بنيادي تبديليون آنديون ويون. هڪ طرف پاڙيسري ملڪ پنهنجي ترقي جو رستو اختيار ڪري چڪو هو، ته ٻئي طرف پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد شروع ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته آمريت جمهوري دروازا بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.

ڪراچي جي اهميت ان ڪري به وڌي وئي، جو اهو هڪ اهم بندرگاهي شهر هجڻ سان گڏ هڪ سياسي نرسري به هو. جيڪڏهن سياسي استحڪام نه هجي ته معاشي منصوبابندي به ناڪام ٿي ويندي آهي. ممڪن آهي ته مان غلط هجان، پر لڳي ٿو ته هن شهر کي ڪڏهن به وڌندڙ آبادي ۽ معاشي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه ڪيو ويو. شهر جي آبادي وڌندي رهي، پر روزگار جا ذريعا محدود رهيا.

جيتوڻيڪ پاڪستان اسٽيل ۽ پورٽ قاسم جي قيام کان پوءِ اميد پيدا ٿي هئي ته مسئلا گهٽ ٿيندا، پر آبادي ۾ تيز اضافي مان صاف ظاهر هو ته نه رڳو ٻهراڙي سنڌ پر ملڪ جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو به روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي جو رخ ڪندا.

ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پشتو ڳالهائيندڙ آبادي جي لحاظ کان به ڪراچي دنيا جو سڀ کان وڏو شهر بڻجي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪا منصوبابندي موجود نه هئي، تنهنڪري ڪچي آبادين جو ڄار وڇائجي ويو. شهر جي آبادي جي ڳڻپ ۾ به بار بار گهٽ وڌائي ڪئي وئي، ڇو ته جيڪڏهن صحيح آبادي ظاهر ڪئي وڃي ها ته شهر کي مالي وسيلن ۾ وڌيڪ حصو ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ وڌيڪ نمائندگي ملي ها. سنڌ ۾ هڪ وڏو سياسي اختلاف ڪوٽا سسٽم به رهيو آهي، پر غور سان ڏسجي ته ان جو تعلق به معاشي نابرابري، ٻهراڙي سنڌ ۾ ترقي جي گهٽ موقعن ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ سان آهي. شايد هن مسئلي جو بهتر حل ميرٽ کي قربان ڪرڻ کان سواءِ ڳولي سگهجي ها. پٺتي پيل علائقن لاءِ ڪوٽا رکڻ ۾ ڪو حرج ناهي، پر ان سبب ميرٽ تي ايندڙ ماڻهن سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي.

ذوالفقار علي ڀٽو به ان نظام جي مدت صرف ڏهه سال مقرر ڪئي هئي، پر اڄ پنجاهه سال گذرڻ باوجود نه اسان ٻين شهرن ۾ تعليم جو معيار بهتر بڻائي سگهيا آهيون ۽ نه ئي روزگار جا نوان ذريعا پيدا ڪري سگهيا آهيون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته وڌيڪ بار ڪراچي تي پيو آهي. بدقسمتي سان اسان هن مسئلي کي معاشي نقطه نظر سان ڏسڻ بدران لساني رنگ ڏئي ڇڏيو، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان خود سنڌ کي ٿيو. هڪ طرف آمرانه پاليسين ڪراچي کي باهه ۽ خون ۾ ٻوڙي ڇڏيو، ته ٻئي طرف نه شهر لاءِ ڪو جامع معاشي منصوبو تيار ٿي سگهيو ۽ نه ئي سڄي صوبي لاءِ.

ورهايو ۽ حڪومت ڪريو واري پاليسي تحت هر مسئلي کي لساني رنگ ڏنو ويو، جنهن سان نه مسئلا حل ٿيا ۽ نه ئي اختلاف ختم ٿيا. شهر جا وڏا ترقياتي منصوبا به ڪميشن ۽ ڪرپشن سبب مسلسل دير جو شڪار رهيا.

جيڪڏهن مالي ۽ انتظامي اختيار مڪمل طور هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن ۽ شهرن کي حقيقي ميٽروپوليٽن سٽي جو درجو ڏنو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ واضح معاشي رخ ضرور طئي ٿي سگهي ٿو. نه وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ڪراچي جهڙي شهر کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي. پر جيڪڏهن سياسي جماعتن جي سوچ اها هجي ته اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اهميت گهٽجي ويندي، ترقياتي فنڊ ختم ٿي ويندا ۽ وزيرن ۽ وڏن وزيرن جي سياسي قيمت گهٽجي ويندي، ته پوءِ حقيقت اها آهي ته ملڪ ۾ اصل جمهوريت آڻڻ جي خواهش ئي موجود ناهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان سياسي طور به ورهايل آهيون ۽ معاشي طور به.

 

You might also like