تازو وفاقي حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ ڪا به نمايان گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب عام مسافر سخت مايوسي ۽ پريشاني جو شڪار آهن. عوام جو چوڻ آهي ته جڏهن به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو آهي ته ٽرانسپورٽر هڪدم ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا آهن. ڪيترن ئي موقعن تي ته سرڪاري نوٽيفڪيشن اچڻ کان اڳ ئي نوان ڀاڙا لاڳو ڪيا ويندا آهن. پر جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ ٿينديون آهن ته ٽرانسپورٽر خاموشي اختيار ڪري وٺندا آهن ۽ پراڻا ئي ڀاڙا وصول ڪندا رهندا آهن. اهڙي ٻٽي معيار سبب سڄو بار عوام تي پوي ٿو. روزانو سفر ڪندڙ مزدور، ملازم، شاگرد، پورهيت ۽ ننڍا واپاري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. هڪ مزدور جيڪو روزانو مختلف بسن ۽ مني بسن ذريعي پنهنجي ڪم واري هنڌ تائين پهچي ٿو، ان جي آمدني جو وڏو حصو صرف ڀاڙن ۾ خرچ ٿي وڃي ٿو. مهانگائي جي هن دور ۾ جڏهن هر شيءِ جي قيمت وڌي چڪي آهي، تڏهن ڀاڙن ۾ مناسب گهٽتائي عوام لاءِ وڏو سهارو ثابت ٿي سگهي ٿي.
مسافرن جو چوڻ آهي ته جڏهن هو ٽرانسپورٽرن کان ڀاڙن بابت سوال ڪندا آهن ته کين اڪثر اڻ وڻندڙ روين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڪيترن ئي روٽن تي هلندڙ مني بسن ۽ ويگنن جا ڪلينر مسافرن سان سخت لهجي ۾ ڳالهائيندا آهن. معمولي بحث تڪرار ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي مسافرن جي بي عزتي به ڪئي ويندي آهي. عورتون، بزرگ ۽ شاگرد خاص طور تي اهڙي رويي کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. شهرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي. سنڌ سرڪاري ڪنٽرول ڪري مسافرن کي رليف ڏنو وڃي. ٽرانسپورٽ کاتو ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪيون آهن جيڪو هڪ سٺو عمل آهي عوام جو مطالبو آهي ته ٽرانسپورٽ مافيا بدران مسافرن جي مفادن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو حقيقي فائدو عوام تائين پهچايو وڃي. ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ۾ جتي روزانو لکين ماڻهو پبلڪ ٽرانسپورٽ وسيلي پنهنجن منزلن تائين پهچن ٿا، اتي مسافرن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. افسوس جو شهر ۾ هلندڙ ڪيترين ئي مني بسن، ويگنن ۽ ڪوچن ۾ نه رڳو مقرر ڀاڙن کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي وڃي ٿي پر مسافرن سان غير مناسب رويو پڻ اختيار ڪيو وڃي ٿو. عورتون، شاگرد، بزرگ ۽ روزانو مزدوري ڪندڙ پورهيت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، جيڪي مجبوري سبب اضافي ڀاڙا ادا ڪرڻ تي مجبور آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائيون گهڻو ڪري رڳو ڪجهه ڏينهن لاءِ ٿينديون آهن، جنهن کانپوءِ صورتحال ٻيهر ساڳي ٿي ويندي آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عارضي طور بدران مستقل نگراني جو نظام قائم ڪيو وڃي. هر روٽ تي اسپيشل انسپيڪشن ٽيمون مقرر ڪيون وڃن جيڪي روزاني بنيادن تي ڀاڙن، اوور لوڊنگ، گاڏين جي فٽنيس ۽ مسافرن سان ورتاءُ جو جائزو وٺن. ان کان علاوه سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ڪم ڪندڙ ڊرائيورن ۽ ڪلينرن لاءِ باقاعده تربيت جو نظام متعارف ڪرايو وڃي، جنهن ۾ اخلاقيات، مسافرن سان احترام وارو رويو ۽ ٽريفڪ قانونن بابت آگاهي ڏني وڃي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ عملي لاءِ اهڙي تربيت لازمي هوندي آهي، جنهن سان مسافرن کي بهتر ماحول فراهم ٿيندو آهي.
شهرين چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي شڪايتن جي مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪري، گاڏين ۾ ڪيو آر ڪوڊ يا هيلپ لائين نمبر لڳائي ۽ ڀاڙن جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف مثال بڻجندڙ ڪارروائي ڪري ته صورتحال ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي. اهڙي نظام سان مسافر ڪنهن به وقت پنهنجي شڪايت لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي سگهندا ۽ ذميوارن جو تعين به آسان ٿي ويندو. ڪراچي جا شهري مطالبو ڪري رهيا آهن ته ٽرانسپورٽ کاتو، ضلعي انتظاميا، ٽريفڪ پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري عوام کي اضافي ڀاڙن، بدتميزي، اوور لوڊنگ ۽ ٽرانسپورٽ مافيا جي من ماني کان نجات ڏيارين. ڇو ته هڪ مهذب شهر جي سڃاڻپ رڳو وڏين عمارتن سان نه، پر شهرين کي فراهم ڪيل باعزت ۽ سستي سفري سهولتن سان به ٿيندي آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ جي خراب صورتحال جو هڪ ٻيو اهم پاسو گاڏين جي فٽنيس جي کوٽ آهي. ڪراچي جي روڊن تي هلندڙ ڪيترين ئي مني بسن، ويگنن ۽ ڪوچن جي حالت انتهائي زبون حال آهي. ڪيترين گاڏين ۾ نه ايمرجنسي نڪرڻ جا مناسب رستا موجود آهن، نه باهه وسائڻ جا اوزار، جڏهن ته غير معياري گئس سلينڊرن جي موجودگي صورتحال کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ٿي. اهڙين گاڏين ۾ روزانو هزارين ماڻهو سفر ڪن ٿا، پر انهن جي حفاظت بابت ڪو مؤثر نظام نظر نٿو اچي. مسافرن جو چوڻ آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ نه صرف اضافي ڀاڙا ورتا وڃن ٿا، پر اوور لوڊنگ پڻ معمول بڻيل آهي. گنجائش کان وڌيڪ مسافر ويهارڻ ۽ بيهارڻ توڙي تيز رفتاري سبب حادثن جا خطرا وڌي وڃن ٿا. ڪيترن ئي روٽن تي گاڏين جي کوٽ سبب ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسٽاپن تي انتظار ڪرڻ تي مجبور آهن. شهرين جو مطالبو آهي ته سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي مڪمل سروي ڪرائي، غير فٽ گاڏين کي روڊن تان هٽائي ۽ جديد، محفوظ ۽ ماحول دوست بسون متعارف ڪرائي. ٽرانسپورٽرن کي پابند بڻايو وڃي ته هو گاڏين جي فٽنيس سرٽيفڪيٽ، انشورنس ۽ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائين. ان سان گڏ هر گاڏي ۾ ڊجيٽل ڀاڙي جي فهرست، شڪايت نمبر ۽ گاڏي جي رجسٽريشن تفصيل واضح نموني آويزان ڪيا وڃن. سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته جڏهن تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ کي منظم صنعت طور نه هلايو ويندو ۽ قانون جي بالادستي قائم نه ٿيندي، تيستائين مسافرن کي سستي، محفوظ ۽ باعزت سفري سهولتون فراهم نه ٿي سگهنديون. حڪومت کي گهرجي ته ٽرانسپورٽ مافيا جي اثر رسوخ کان مٿانهون ٿي عوامي مفاد ۾ سخت ۽ مستقل قدم کڻي، جيئن ڪراچي جا لکين شهري روزانو پيش ايندڙ تڪليفن ۽ خطرن کان نجات حاصل ڪري سگهن.
سنڌ حڪومت لاءِ ضروري آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ موجود بي ضابطگين جو خاتمو آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ اهڙين گاڏين جا پرمٽ معطل ڪرڻ سميت ڏنڊ لاڳو ڪيا وڃن. ساڳئي وقت مسافرن جي سهولت ۽ تحفظ لاءِ هڪ مرڪزي شڪايت سيل قائم ڪيو وڃي، جتي ٽول فري نمبر، واٽس ايپ ۽ آن لائن ذريعن وسيلي شڪايتون وصول ڪيون وڃن. شڪايتن تي فوري ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مسافرن جو اعتماد بحال ٿي سگهي. هر بس، مني بس ۽ ويگن ۾ سرڪاري ڀاڙن جي فهرست ۽ شڪايت مرڪز جا نمبر نمايان نموني لڳايا وڃن، جيئن ڪو به ٽرانسپورٽر مقرر ڪيل ڀاڙن کان وڌيڪ رقم وصول نه ڪري سگهي. جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي سان نگراني جو نظام لاڳو ڪري ته لکين مسافرن کي روزاني بنياد تي وڏي رليف ملي سگهي ٿي ۽ ٽرانسپورٽ مافيا جي من ماني تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته مني بسز. وينن ۾ اڪثر مسافرن کي جانورن وانگر سوار ڪيو ويندو آهي. مني بسز توڙي وينن وارا پئسو ڪمائڻ لاءِ مسافرن جي زندگي داءُ تي لڳائيندا آهن.