رخصتي يا ازدواجي تعلق نه هجڻ باوجود عورت حق مهر جي حقدار: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ فيصلو ڏنو آهي ته رخصتي نه ٿيڻ يا ازدواجي تعلق قائم نه ٿيڻ جي صورت ۾ به عورت حق مهر جي حقدار رهندي، عدالت خلع ۽ حق مهر بابت داخل اپيل منظور ڪندي ماتحت عدالتن جا اڳوڻا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن نڪاح نامي ۾ مهر جي ادائيگي جو وقت واضح طور  درج نه هجي ته سڄو حق مهر فوري طور واجب الادا تصور ڪيو ويندو، عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته جيڪڏهن نڪاح نامي ۾ مهر جي تفصيل غير واضح هجي ته عورت جي مطالبي تي مڪمل حق مهر ادا ڪرڻو پوندو، راولپنڊي بينچ موجب خلع عورت جو مستقل شرعي ۽ قانوني حق آهي ۽ خلع لاءِ مڙس جي رضامندي لازمي شرط ناهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن زال پنهنجي فيصلي تي قائم هجي ۽ صلح جا امڪان ختم ٿي وڃن ته عدالت خلع جي ڊگري جاري ڪري سگهي ٿي، لاهور هاءِ ڪورٽ موجب خلع مؤثر ٿيڻ ۽ عدت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عورت ٻي شادي پڻ ڪري سگهي ٿي، واضح رهي ته عورت خلع ۽ حق مهر بابت اپيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ داخل ڪئي هئي.

 

You might also like