آمريڪا جي دعويٰ بي بنياد آهي ته اسان آمريڪي جنسون وٺنداسين: باقر قاليباف

تهران(م ڊ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف آمريڪي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جو اهو دعويٰ ته  ايران جا غير منجمد اثاثا آمريڪي زرعي شين جي خريداري لاءِ استعمال ڪيا ويندا، بي بنياد آهي. باقر قاليباف چيو ته ايران صرف اهو ئي فصل لڻي رهيو آهي جيڪو آمريڪا پوکيو هو، جيڪو ڏهاڪن جي بي اعتمادي جو فصل آهي. آمريڪا ظاهري طور تي صرف سويابين، ٽٽل واعدا ۽ تلخ بيان برآمد ڪري ٿو. آمريڪا جي اها دعويٰ ته اسان جا غير منجمد اثاثا آمريڪي زرعي شين جي خريداري لاءِ استعمال ڪيا ويندا، بي بنياد آهي.

 

You might also like