لاهور/اسلام آباد (سجاد انور+ طلعت حسين) مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ’هني مون پيريڊ‘ ختم ٿي چڪو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اصل ترجيح هن وقت ن ليگ آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي وچ ۾ نظرياتي اختلاف گهٽ آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ايجنڊا جي راهه ۾ “ڪباب ۾ هڏي” تصور ڪري ٿي جنهن سبب پيپلز پارٽي هن وقت هر محاذ تي دٻاءُ هيٺ آهي ۽ وفاق ۾ ن ليگ کان ناراض هجڻ سان گڏ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سان قانونسازي تي پڻ هٿا پائي ٿي بيٺي آهي، ايستائين جو بلاول ڀٽو ن ليگ جي هن ٻٽي رويي کي هڪ سخت استعارو ڏيندي چيو آهي ته ڪڏهن اهي پير پڪڙين ٿا ته ڪڏهن ڳچي پڪڙي وٺن ٿا۔ ٻي پاسي آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ انهن جي ٽيم جو هڪ واضح ايجنڊا آهي جنهن کي اهي ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ لازمي سمجهن ٿا ۽ ن ليگ هن ايجنڊا تي خاموش حمايت ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان کي وفاق تي حملو قرار ڏئي مزاحمت ڪري رهي آهي جنهن جا اهم نقطا وفاق کي بااختيار بڻائڻ لاءِ 18هين ترميم تي نظرثاني ۽ اختيارن جي واپسي، صوبن جي حصي ۾ گهٽتائي ۽ وفاق جي مالي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني سميت پاڻي جي ورهاست جي پراڻي معاهدي يعني 1993ع جي پاڻي فارمولي ۾ تبديلي ۽ چولستان جهڙن نون منصوبن جي آبپاشي شامل آهي۔ هن سياسي ڇڪتاڻ دوران 27 جولاءِ تي ٿيندڙ آزاد ڪشمير جي ضمني چونڊن وفاق جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن ڇاڪاڻ ته هاءِ ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان ’بلا‘ واپس ملڻ بعد صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وئي آهي ۽ جيڪڏهن چونڊون شفاف ٿيون ته پنجاب ۾ موجود “مهاجر سيٽن” تي پي ٽي آءِ جي 70 سيڪڙو ڪاميابي جا واضح امڪان آهن، جنهن خوف ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو آهي جتي ٻئي جماعتون ڪشمير جي مسئلن جو ملبو هڪ ٻئي تي وجهي عوامي ڪاوڙ کان بچڻ چاهين ٿيون۔ هن سڄي صورتحال ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو وفاقي ڪابينا ۾ عهدو نه وٺڻ محض اتفاق نه پر هڪ سوچي سمجهي “آزاد سياسي سڃاڻپ” جي حڪمت عملي هئي جنهن تحت 18 سالن جي سياسي سفر کان پوءِ هاڻي هو هڪ ’بالغ‘ سياستدان طور اڀريو آهي جيڪو پنهنجي سياست کي ن ليگ جي ناڪامين کان الڳ رکڻ چاهي ٿو ۽ هن حڪمت عملي سبب هو سرڪاري عهدي جي پابندي کان آزاد هجڻ ڪري گلگت بلتستان ۾ ڀرپور مهم هلائي غير متوقع ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي جڏهن ته ايوان ۾ هڪ اتحادي هجڻ باوجود هڪ آزاد اڳواڻ جيان ڳالهائي پنهنجو عوامي گراف بهتر بڻائي رهيو آهي ۽ پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام ٻنهي آڏو هڪ متبادل قيادت طور پيش ڪري رهيو آهي۔