لاهور (بيورو) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪسٽائل ملن کي ڪئميرا لڳائڻ لاءِ آخري وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، ايف بي آر ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان ٽيڪسٽائل ملن ۾ ڪئميرا لڳائڻ لازمي هوندو، جڏهن ته 180 مل مالڪن کي حتمي نوٽيس ۽ وارننگ ڏني وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائل ملون ڪئميرا پنهنجي خرچ تي لڳائينديون ۽ جيڪڏهن ڪئميرا نصب نه ڪيا ويا ته اهڙين ملن کي بند تصور ڪيو ويندو، ايف بي آر موجب نگراني واري نظام جو مقصد پيداواري عمل ۽ ٽيڪس لاڳاپيل معاملن جي شفاف نگراني کي يقيني بڻائڻ آهي، ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ايف بي آر اڳ ئي شگر ملن، سيمينٽ فيڪٽرين ۽ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانن ۾ ڪئميرا لڳرائي چڪو آهي.