خانپور (عوامي آواز نيوز) خانپور ويجهو رحيم آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ دلو ڌڙو ۾ چوپايو مال سبزي جي فصل ۾ داخل ٿيڻ جي ڳالھ تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري غازي خان شر ٿڏي تي ئي قتل ٿي وي، جڏهن ته هزار خان شر، امام بخش عرف سردار خان ش، احسان شر ۽ عرفان شر زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جي اين سي رحيم آباد ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي، پوليس پاران واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي.