ڪراچي ۾ احساس محرومي وڌي پئي،اتي به آزاد ڪشمير جهڙي ڪميٽي ٺهي سگهي ٿي:فاروق ستار

اسلام آباد(بيورو)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته آئين جا سڀئي آرٽيڪل ۽ شقون اوتريون ئي اهم آهن، جيتريون اهي شقون آهن جن جو اوهان بار بار حوالو ڏيو ٿا. پر آئين جي آرٽيڪل 7، آرٽيڪل 32 ۽ آرٽيڪل 140-اي بابت ڪو به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي،هن چيو ته اڄ جيڪڏهن انهن آئيني شقن کي نظرانداز ڪرڻ سبب آزاد ڪشمير ۾ بيچيني پيدا ٿي آهي ۽ اتي آزاد ڪشمير ايڪشن ڪاميٽي ٺهي آهي، ته خدا نه ڪري، جيڪڏهن اسان قومي مفاهمت ۽ قومي مصالحت جي بنياد تي هڪ جامع قومي ايجنڊا تيار نه ڪيو، ته پوءِ خدا نه ڪري، ڪراچي ايڪشن ڪاميٽي به ٺهي سگهي ٿي.اڄ ڪراچي جن حالتن  مان گذري رهيو آهي، اتي ماڻهن ۾ محروميءَ جو احساس وڌي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪجهه سياسي جماعتن لاءِ آئين جي آرٽيڪل 140-اي تي عمل ڪرڻ ڏکيو يا "ڪڙو ڍڪ” آهي ته پوءِ اهو به قبول ڪرڻو پوندو.هن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اڄ انهن مسئلن جو حل نه ڪڍيو ويو ته پوءِ سڀاڻي اهڙيون ڳالهيون به ٿينديون ته ڪراچي کي وفاقي علائقو قرار ڏنو وڃي.سندس چوڻ هو ته ان حوالي سان مختلف آئيني رستا موجود آهن، جن ۾ آرٽيڪل 149 تحت به مختلف اختيار موجود آهن.ان دوران اسپيڪر وري مداخلت ڪندي چيو ته ڊاڪٽر صاحب، هي سڀ ڳالهيون اوهان بجيٽ واري تقرير ۾ ڪري چڪا آهيو، مهرباني ڪري تقرير ختم ڪريو،فاروق ستار چيو ته سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجي ذهن مان اها ڳالهه ڪڍڻي پوندي ته اسيمبلي جي هن پاسي ويٺل ماڻهو سئو سيڪڙو صحيح آهن ۽ ٻئي پاسي ويٺل ماڻهو سئو سيڪڙو غلط آهن.، اسان سڀني کي پنهنجو احتساب ڪرڻ جي ضرورت آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي.”ان دوران اسپيڪر بار بار کيس اصل موضوع ڏانهن موٽڻ ۽ تقرير ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندو رهيو.آخر ۾ فاروق ستار چيو ته ملڪ کي موجوده چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني سياسي ڌرين کي گڏجي ويهڻ، قومي مفاهمت اختيار ڪرڻ ۽ آئين جي هر شق تي هڪجهڙو عمل يقيني بڻائڻو پوندو، ڇو ته اهو ئي پاڪستان جي استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جو رستو آهي.

 

You might also like