اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته هو خطي ۾ امن لاءِ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته وفاقي گرانٽ چارئي صوبا فراهم ڪندا، وفاقي گرانٽ فراهم ڪرڻ ۾ صوبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هي پئسا دفاع سميت اهم معاملن تي خرچ ڪيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ هو جنهن ايران تي حملي جي سڀ کان پهرين مذمت ڪئي، پاڪستان تڪرار گهٽائڻ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، وزيراعظم پنهنجي هم منصبن سان به رابطي ۾ هو. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڪوششن عارضي جنگ بندي ممڪن بڻائي، 47 سالن کان پوءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سڌي طرح ڳالهيون ٿيون، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪيو، اسان جي ڪوشش هئي ته مسئلا اسلام آباد ۾ ئي حل ڪيا وڃن.ڊپٽي وزيراعظم چيو ته 28 فيبروري کان پوءِ، هن 52 ملڪن جي هم منصبن سان رابطو ڪيو هو. اڄ دنيا ۾ پاڪستان کي امن پسند ملڪ سڏيو پيو وڃي.