نواب شاهه (عوامي آواز نيوز) نوابشاهه ۾ خانگي بئنڪ جي ٻن پگهار وارن اڪائونٽن مان هڪ ارب رپين کان وڌيڪ ٽرانزيڪشن ٿيڻ واري معاملي تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جاچ شروع ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي موجب اڪائونٽن جا اصل هولڊر انهن کي استعمال نه ڪري رهيا هئا پر اڪائونٽ ڪنهن ٻئي شخص طرفان هلايا پئي ويا، جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته شڪي ٽرانزيڪشن ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ايف آءِ اي موجب معاملي بابت 29 مئي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ٻنهي اڪائونٽ هولڊرن ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، جاچ اداري موجب شڪي سرگرمين بابت اطلاع نه ڏيڻ تي چار بينڪ ملازمن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي انهن ملازمن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي سکر آفيس طلب ڪيو ويو آهي.