ڳڙهي ياسين ويجهو پوليس اهلڪار حملي ۾ شهيد

شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي ) ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي ڊيوٽي تان واپس پنهنجي ڳوٺ ويندڙ پوليس اهلڪار نامعلوم  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ڪري جوابدار فرار ٿي ويا ،ڳوٺ قائم وڌيو جو رهواسي پوليس اهلڪار نياز حسين وڌيو ولد علي رضا وڌيو کي رتو بئراج پل ڀرسان نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.واقعي بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.شهيد نياز حسين وڌيو ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي ڊيوٽي سرانجام ڏئي واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ کيس نشانو بڻايو ويو. واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي. پوليس اهلڪار کان پسٽل ڦري ويا آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ن ٿي سگھيو آهي

 

You might also like