اڍائي سئو پورهيت ساڙي مارڻ جي ڪيس جا جوابدار زبير چريا ۽ رحمان ڀولا آزاد

ڪراچي(رپورٽر) بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس: جوابدار زبير چاريا ۽ رحمان ڀولا سينٽرل جيل مان آزاد ٿي ويا آهن. سپريم ڪورٽ 10 جون تي بلديا سانحي ڪيس ۾ جوابدارن جي اپيل قبول ڪئي هئي، ماتحت عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي. بلديا فيڪٽري ڪيس ۾ جوابدارن زبير عرف چريا ۽ رحمان عرف ڀولا کي آزاد ڪيو ويو آهي.سپرينٽنڊنٽ سينٽرل جيل چيو ته ٻئي شخص سينٽرل جيل ۾ قيد هئا، قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي کي جيل مان آزاد ڪيو ويو. رجسٽرار  سنڌ هاءِ ڪورٽ رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جي آزادي جا حڪم جاري ڪيا هئا، جنهن کان پوءِ اهي آزادي جا حڪم دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۽ سپرنٽنڊنٽ سينٽرل جيل ڏانهن موڪليا ويا. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ هن مهيني جي 10 جون تي بلديا ٽائون سانحي سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي، جنهن ۾ عدالت ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٻنهي جوابدارن جي موت جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو هو  جسٽس شهزاد ملڪ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ جوابدار عبدالرحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا جي اپيلن کي قبول ڪيو ۽ انهن کي بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. ٻئي طرف، بلديا فيڪٽري سانحي جي متاثرين ۽ مزدور تنظيمن مطالبو ڪيو ته ڪيس ٻيهر کوليو وڃي.

 

You might also like