ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ڄام خان شورو سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪوٽڙي بئراج سنڌ جو آخري بئراج آهي ۽ پاڻي جي سخت کوٽ سبب زراعت لاءِ گهربل پاڻي به فراهم نه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير پاڻي جي کوٽ واري معاملي تي وفاق کي خط پڻ لکيو آهي، جڏهن ته سنڌ کي 48 سيڪڙو پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پاڻي جي حق لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهي آهي، پر اپوزيشن هن اهم مسئلي تي هڪ لفظ به نٿي ڳالهائي. ڄام خان شورو چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ اهو ئي پاڻي سنڌ جي ڊيلٽا ۽ سامونڊي ڪناري وارن علائقن جي بقا لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته سمنڊ جي اڳتي وڌڻ سبب لکين ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ جي ور چڙهي چڪي آهي، جڏهن ته سنڌو درياءَ مان پاڻي نه ملڻ سبب ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعا سخت متاثر ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته انڊس ڊيلٽا کي سنڌو درياءَ مان مناسب پاڻي جي فراهمي لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي شهر ۾ پائيپ لائين وڇائڻ آسان ڪم ناهي، پر حڪومت شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 9 فلٽر پلانٽ لڳائڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شهر ۾ 188 ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. ڄام خان شورو چيو ته ييلو لائين منصوبي ۾ جتي به غفلت سامهون آئي، اتي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو. هن ٻڌايو ته ايندڙ سال 2 هزار ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اپوزيشن پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ ايوان ۾ استعمال ڪيل نامناسب لفظن تي معافي گهرڻ گهرجي. وفاقي مالي معاملن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پهريون ڀيرو وفاق صوبن کان گرانٽ وٺي رهيو آهي ۽ صوبي جا 260 ارب رپيا وفاق ڏانهن وڃي رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم جا ٻه وزير موجود آهن، پر هنن هن معاملي تي هڪ لفظ به ناهي ڳالهايو. ڄام خان شورو چيو ته ايف بي آر جي ٽيڪس وصوليون مسلسل گهٽجي رهيون آهن، جنهن سبب صوبا وفاق جي مدد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ روينيو بورڊ جون وصوليون 350 ارب رپين تائين پهچي چڪيون آهن. هن مطالبو ڪيو ته سامان (گڊز) تي سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار صوبن کي ڏنو وڃي. هن چيو ته بجيٽ تي سنجيده بحث ڪرڻ بدران لفظن جي سياست ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته هڪ پاسي پاڻ کي سنڌ جو پٽ چيو وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. سندس مطابق ڪجهه جماعتون لسانيت کي هٿي ڏئي سياست ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته سندن سياست ختم ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي لاءِ 1.9 ٽريلين رپين جي غير ملڪي فنڊنگ سان ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي.