ڪراچي تي قبضو ناهي، عوام جماعت اسلامي کي رد ڪيو آهي: ذوالفقار شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي تي ڪنهن جو قبضو ناهي پر شهر جي عوام جماعت اسلامي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جماعت اسلامي امير حافظ نعيم بيان تي ردعمل ڏيندي ذوالفقار علي شاهه چيو ته جنهن جماعت ڪڏهن به بلدياتي چونڊون ناهن کٽيون، اها اسان کي جمهوريت سيکارڻ جي  ڪوشش ڪري رهي آهي. جمهوريت پيپلز پارٽي جي رت ۾ شامل آهي،آمريت جي نرسري ۾ پلجندڙ ماڻهو اسان تي تنقيد نه ڪن، سنڌ جي ترقي تي ڳالهائڻ کان اڳ جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجي ناڪام بلدياتي دور جو حساب ڏئي، ٻارن جي مستقبل تي سياست ڪرڻ جماعت اسلامي جو پراڻو طريقو رهيو آهي، ڪراچي تي قبضو ناهي ٿيو پر شهر جي عوام جماعت اسلامي جي نفرت تي ٻڌل سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، حافظ نعيم الرحمان کي سنڌ جي عوام جي فڪر ڇڏڻ بدران پنهنجي ڪمزور ٿيندڙ سياست بچائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like