ٽيڪسٽائل ملن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن واري معاملي تي اپٽما ۽ ايف بي آر آمهون سامهون

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ٽيڪسٽائل ملن ۾ نگراني لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ واري معاملي تي آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) وچ ۾ سخت تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. اپٽما ايف بي آر جا مطالبا رد ڪندي پنهنجي خرچ تي ڪيمرائون لڳائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب ايف بي آر ملڪ جي سمورين ٽيڪسٽائل ملن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪارخانن جي نگراني لاءِ پنهنجي خرچ تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائين. جڏهن ته ٽيڪسٽائيل مل مالڪن هن هدايت کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.اپٽما جي چيئرمين ڪامران ارشد چيو آهي ته جيڪڏهن ڪارخانن جي نگراني ايف بي آر کي ئي ڪرڻي آهي ته پوءِ ڪيمرائون به ايف بي آر پنهنجي خرچ تي لڳائي. هن چيو ته مل مالڪ اهڙو اضافي مالي بار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا.ڪامران ارشد موجب  سڄي ملڪ جي 380 ٽيڪسٽائل ملن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ لاءِ ايف بي آر هر ڪارخاني کان 30 لک رپيا طلب ڪري رهي آهي. هن حساب سان مجموعي طور تي هڪ ارب 14 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ صنعت تي وڌو پيو وڃي، جيڪو انتهائي ڳرو بار آهي. اپٽما جي چيئرمين حڪومت کان سوال ڪيو ته ڇا سيف سٽي منصوبي تحت لڳايل ڪيمرائن جو خرچ عام شهرين پنهنجي کيسي مان ڀريو آهي؟ هن چيو ته شهري رڳو ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي لڳندڙ ڏنڊ ادا ڪندا آهن، ڪيمرائن جي لڳائڻ جو خرچ نه. تنهن ڪري جيڪڏهن ايف بي آر کي ڪارخانن جي نگراني ڪرڻي آهي ته ڪيمرائون به پنهنجي بجيٽ مان لڳائي.

 

You might also like