اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ )اوٻاوڙو جي مسلم ڪالوني ۾ ٽائون انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب کليل گٽر ۾ سولنگي برادري جو گلن جهڙو معصوم ٻارڙو علي نواز سولنگي ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، دردناڪ واقعي کان پوءِ وارثن ۽ شهرين ٽائون انتظاميا خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته مسلم ڪالوني ۾ گٽر مٿان ڍڪڻ نه هجڻ سبب معصوم علي نواز سولنگي کليل گٽر ۾ ڪري پيو، جنهن کي ڪڍڻ لاءِ ڳولا جاري رهي ۽ چار ڪلاڪن جي سخت ڪوششن کان پوءِ وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت معصوم ٻار جو لاش کليل گٽر مان ڪڍيو، معصوم جي موت تي ڪالوني ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته وارثن ۽ شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻن سالن دوران هي ٽيون واقعو آهي جنهن ۾ ڪنهن ٻار پنهنجي حياتي وڃائي آهي، جيڪو ٽائون انتظاميا جي بدترين نااهلي جو ثبوت آهي، مظاهرين جو چوڻ هو ته ٽائون انتظاميا کي هر مهيني ڪروڙن رپين جي بجيٽ ملي ٿي، جيڪا ڪرپشن جي ور چڙهي رهي آهي، شهر جون گهٽيون ۽ بازارون گندي پاڻي سبب تلاءُ بڻيل آهن، جنهن جي ڪري معصوم ٻار موت جو شڪار ٿي رهيا آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معصوم علي نواز جي موت جو نوٽيس وٺندي ٽائون چيئرمين ۽ ذميوار عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.