حيدرآباد(پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ،ذوالفقار آباد، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان 13ھين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ الطاف خاصخيلي، معشوق وگھيو، جمن ڌماچ ۽ حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ ٽنڊو ڄام ڀرسان ڳوٺ دلاور فقير ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪري ھينڊ بل ورھايا، ماروي ٽائون ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ پيادل مارچ جي اڳواڻي نذير بليدي،نور حسن جمالي، راول سيال،بابو ميمڻ،رئوف انصاري ۽ ٻين ڪئي گيانچند مهيشوري ۽ ٻين اڳواڻن مت ڪڙيو گھنور جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. رتيديرو ۾ مٺل شيخ، ڪاشف ڀُٽو ۽ عرفان علي جلباڻي جي اڳواڻي ۾ ھينڊ بل ورھايا،ڪرڙ ريٻاري ،شوڪت نوهاڻي، نثار ڀرڳڙي، مجيد ٻگھيو،مقصود ڀرڳڙي، انور نوحاڻي ۽ ٻين ميرپورخاص جي العباس شوگر ملز، ڳوٺ علي حسن سمون، ڳوٺ سکيو ميگهواڙ، ڀڳت ڳوٺ، ڳوٺ مانجهي خاصخيلي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارنر ميٽنگون ڪيون. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، درياھ تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن، جيڪو پاڻي ملي ٿو اھي حڪومتي ماڻھو کنيو وڃن. جيڪي آبادگار حڪومتي جماعت جا ناھن، انھن جون زمينون بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن. هنن چيو ته سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻڻ بند ڪيا وڃن. سڄو سال غير قانوني ڌاڙيل واھ چشما ۽ تونسا ڪئنال وھائي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي حيدرآباد ڊويزن ۽ بدين ضلعي جي اڳوڻي صدر ڌڻي بخش کوسو جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي وارثن سان تعزيت ڪندي چيو ته ڌڻي بخش کوسو سنڌو درياھ تي ڌاڙي، دھشتگردي، ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ڪئي