لاڙ ۾ قدرتي وسيلن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي:نواز شاهه ڀاڏائي

سجاول (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي لاڙ سوڌو سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، قدرتي وسيلن تي قبضي، ذولفقار آباد منصوبي ۽ مھانگائي خلاف 10 جولاءِ تي بدين ۾ تحفظ سنڌ مارچ جو اعلان ڪندي چيو ته ھڪ طرف 28 ھين ترميم آڻي  سنڌ جي جاگرافي کي ورھائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي تـ ٻي طرف سنڌو درياهه تي نوان ڊيم جوڙيا پيا وڃن، سجاول پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ شديد پاڻي کوٽ جو شڪار آھي، لاڙ جي ضلعن ۾ ته ڪربلا واري صورتحال آھي پيئڻ جو پاڻي اڻلب ٿي ويو آھي بدين ٺٽي ۽ ٿر سميت قدرتي وسيلن تي بي دردي سان ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، عوام روڊن تي نڪري، سيد نواز شاهه ڀاڏائي ٻڍي ٽالپر پھچي ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل پ پ اڳواڻ ربڏنو جت جي وارثن سان تعزيت ڪئي، هن چيو ته ربڏنو جت کي ٽارگيٽ ڪري ماريو ويو آهي، علائقي ۾ امن قائم ڪيو وڃي.

 

You might also like