ڪراچي/ لاهور (عوامي آواز نيوز) اينٽي ڪرپشن سنڌ بي آر ٽي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، رپورٽن موجب يلو لائن ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اينٽي ڪرپشن چيئرمين موجب گرفتار آفيسر جي خلاف ڪيس جي جاچ ڪراچي ۾ ڪئي ويندي، ٻئي پاسي ضمير عباسي جي والد لاهور ۾ پٽ جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرايو ۽ موقف اختيار ڪيو ته 12 جون تي پٽ کي اغوا ڪيو ويو.