ڪراچي(پ ر)سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن کي انسدادِ دهشتگردي جي قانونن تحت سزا ٻڌائڻ سان قانوني تقاضن، سياسي آزادين، ۽ ملڪ ۾ سڪڙجندڙ جمهوري فضا تي سخت سوال اٿن ٿا. اختلافي آوازن خلاف سخت سزائن ۽ غير معمولي قانونن جو سهارو وٺڻ سان رڳو بيگانگي ۽ بي اعتمادي وڌيڪ گهري ٿيندي،هن چيو ته مستقل امن ۽ قومن جي وچ ۾ يڪجهتي جبر ذريعي نه، پر ڳالهين، آئين جي بالادستي، ۽ جمهوري حقن جي احترام سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. رياست کي اهو يقيني بڻائڻ گهرجي ته انصاف نه صرف ٿئي، پر انصاف جي اصولن ۽ قانون جي حڪمراني جي مطابق ٿيندي نظر به اچي.