ايمان مزاري ۽ هادي علي ڇٽا لاءِ عالمي انساني حقن جي ايوارڊ جو اعلان

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) بين الاقوامي تنظيم پاران پاڪستاني وڪيلن ايمان مزاري ۽ هادي علي ڇٽا کي هن سال جي لودوڪ ٽراريو بين الاقوامي انساني حقن جي ايوارڊ لاءِ چونڊڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.اسلام آباد بار ايسوسيئيشن ٻنهي وڪيلن جي نامزدگي کي بار لاءِ وڏي اعزاز ۽ فخر جو سبب قرار ڏيندي کين مبارڪباد پيش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ صدر نعيم علي گجر ۽ جنرل سيڪريٽري خواجه دانيال گڏيل مبارڪباد جو پيغام جاري ڪيو.اسلام آباد بار موجب جيل ۾ قيد وڪيلن، ايمان مزاري ۽ هادي علي ڇٽي، کي وڪالت جي باوقار خدمتن ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪوششن جي اعتراف طور هي  عالمي اعزاز ڏنو پيو وڃي.بار ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته وڪيلن کي ڏنو ويندڙ هي اعزاز دنيا جي سڀ کان پراڻن ۽ معتبر انساني حقن جي ايوارڊن مان هڪ آهي، جيڪو فرانسيسي وڪيل لودوڪ ٽراريو جي نالي سان منسوب آهي. هن 1898ع ۾ انساني ۽ شهري حقن جي تحفظ واري ليگ جو بنياد رکيو هو.اسلام آباد بار موجب هي ايوارڊ سڀ کان پهرين 1985ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ قيد اڳواڻ نيلسن منڊيلا کي ڏنو ويو هو. بار جو چوڻ آهي ته ايمان مزاري ۽ هادي علي ڇٽو هن اعزاز لاءِ چونڊجندڙ پهريان پاڪستاني وڪيل آهن، جيڪو پاڪستان جي قانوني برادري لاءِ اعزاز جوڳو لمحو آهي.

 

You might also like