ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ شديد هنگامو،پ پ ۽ متحده ميمبرن جون هڪ ٻئي کي اُلرون،سخت لفظن جو استعمال:خبر موجب سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن پ پ تي سخت تنقيد ڪئي،متحده ميمبر فرحان انصاري خطاب ڪندي چيو ته بي آر ٽي رٿا ڳلي جي هڏي بڻجي چڪي آهي،منصوبي ۾ 8 ارب رپين جو ڌاڙو هنيو ويو،هاڻي اها رٿا 80 ارب رپين جي ٿي چڪي آهي،هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو نالو سيوهڻ پبلڪ سروس ڪميشن رکيو وڃي،سولر رٿا ۾ ساڍا 6 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي،هن چيو ته پ پ وارا شرم ڪن،ٻڌائن ته ڪورنگي ۾ چائنا ڪٽنگ انهن جي سرپرستي ۾ ٿئي پئي يا نه؟گٽڪا مافيا تي انهن جي سرپرستي آهي يا نه؟پاڻي وڪرو ڪرڻ ۾ سندن سرپرستي آهي يا نه؟ايم ڪيو ايم ڪا به گروپ بندي ناهي،مان انهن کي ٻڌائي سگهان ٿو ته پ پ ۾ ڪيترا گروپ آهن،هن چيو ته پ پ وارن کي ڪرپشن تي شرم نٿو اچي جنهن تي اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته اهو لفظ غيرپارلياماني آهي ان کي حذف ڪيو وڃي جنهن بعد پ پ ميمبر سخت چڙي پيا،انهن مطالبو ڪيو ته اهي لفظ واپس ورتا وڃن جنهن تي فرحان انصاري چيو ته نه مان معافي وٺندس نه لفظ واپس وٺندس،مون ڪا به گار ناهي ڏني،هن چيو ته وڏي تڪليف آهي ٻوري بند لاشن جي،ڪڏهن ٻوري بند لاش ڏٺو آهي،سهي سگهندو؟هن چيو ته جنهن ايري غيري کي ڏسي ايم ڪيو ايم تي وات هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي،پ پ جي هڪ ميمبر پاران جملو هڻڻ تي هن چيو ته توهان کي الطاف حسين گهڻو ياد اچي رهيو آهي،ان وقت ته هڪ يونٽ انچارج جي آڏو توهان جو آواز نه نڪري سگهندو هو،هن چيو ته پ پ وارا اهو به ٻڌائن ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل عام ۾ انهن جو ڪيترو هٿ هو؟ ان دوران پ پ ميمبر احتجاج ڪندا رهيا،فرحان انصاري کي چيو ويو ته ويهي رهو ويهي رهو، ٻنهي پارٽين جا ميمبر هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ پهچي ويا،شرجيل ميمڻ ۽ سهيل انور سيال سخت ڪاوڙ ۾ هئا اهي متحده ميمبرن سان ٻکين پئجڻ وارا هئا،صوبائي وزير ناصر شاهه وچ ۾ پئي معاملو ٺاريندو رهيو،ان دوران شرجيل ميمڻ پاران فرحان انصاري ڏانهن پين اڇلائي وئي جيڪا هن کي نه لڳي،اسپيڪر ٻنهي ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جون اپيلون ڪندو رهيو،جنهن بعد ايم ڪيو ايم ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا،صوبائي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار چيو ته مان ان معاملي جي انڪوائري ڪرائيندس ته فرحان انصاري پاران پوري ايوان کي ڌمڪي ڏني وئي آهي،ٻوري بند لاش ڏيکارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي،ان تي مان جاچ جو حڪم ڏئي رهيو آهيان،ايم ڪيو ايم جي طحه احمد چيو ته جاچ هڪ طرفي نه ٿيڻ گهرجي،سمورن لاڳاپيل بيانن ۽ واقعن کي به انڪوائري ۾ شامل ڪيو وڃي
سنڌ ۾ موٽروي ڇو نٿا ٺهن؟ اڪرام ڌاريجو
ڪراچي(رپورٽر)پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام ڌاريجو چيو آهي ته سکر-حيدرآباد موٽروي جو افتتاح ٽي وزيراعظم ڪري چڪا آهن،ن وازشريف، عمران خان ۽ وزيراعظم شهبازشريف آيا هئا پر اڄ تائين ان موٽروي تي ڪم ناهي ٿيو،اهو سمجهه کان ٻاهر آهي،سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هن سال به وفاق اهو چئي رهيو آهي ته اسان 30 ارب رپيا رکيا آهن،الله ڪري ان رٿا تي ڪم ٿي وڃي توهان ٻين صوبن ۾ ڏسو،موٽرويز جو ڄار وڇايو ويو آهي،هن چيو ته سنڌ سان ان سلسلي ۾ وڏي زيادتي ٿي آهي،ملڪ جو واحد پورٽ ڪراچي ۾ آهي،ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ڪراچي کان پشاور تائين موٽروي ٺهڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي،هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير هر فورم تي سنڌ لاءِ آواز اٿاريندا آهن،اميد آهي ته هن ڀيري اسلام آباد وارا رڳو ڳالهه کي ٻڌندا نه پر ڳالهه کي سمجهندا به،هن چيو ته ٻيو وڏو اشو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو آهي،وڏي وزير جي آجيان ڪندس ته هن هر فورم تي پاڻي جو مسئلو اٿاريو آهي،پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت متاثر ٿي رهي آهي،اڄ سنڌ جا ماڻهو پريشان آهن،وزيرن کان اهو به ٻڌو آهي ته چناب درياهه تي ڊيم ٺاهيا پيا وڃن انهن کي اهو چوندس ته پڇڙي وارن جا خدشا به ٻڌو،ائين نه ٿئي جو ڳالهه اڳتي وڌي وڃي،اميد آهي ته وڏو وزير ۽ آبپاشي وارو وزير انهن ڊيمن خلاف مزاحمت ڪندا،هن چيو ته ڪجهه عنصر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي سوال اٿاري رهيا آهن،اهڙا عنصر عوام سان دشمني ڪري رهيا آهن،هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا هر حڪومت ۾ رهيا آهن،سندن ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو نامناسب آهي،ڪراچي سنڌ جي دل آهي،پ پ ڪراچي ۾ وڏا ڪم ڪرايا آهن،هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڳوٺن ۾ رهندڙن جو به ترقياتي ڪمن تي اوترو ئي حق آهي جيترو شهرين جو آهي،پ پ ٻهراڙي کي نظرانداز ناهي ڪيو،
ڌاٻيجي کان ڪيٽي بندر تائين سامونڊي حفاظتي بند ٺاهيو:رياض شاهه شيرازي
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ تي خيال ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ کي درپيش معاشي ۽ ٻين چئلينجن جي باوجود متوازن، ترقي پسند ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي.ڪراچي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 108 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪرڻ سنڌ حڪومت جي عوامي ڀلائي واري عزم جو ثبوت آهي. رياض شاهه شيرازي بجيٽ بحث دوران هڪ اهم تجويز پيش ڪندي چيو ته ڌاٻيجي کان علي بند ۽ ڪيٽي بندر تائين سامونڊي حفاظتي بند جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سمنڊ لڳاتار ٺٽي، سجاول، شاهه بندر، جاتي، کاروڇاڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي زرعي زمينن کي ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين متاثر ٿي چڪي آهي. هن ٺٽي ۽ سجاول ۾ استادن جي اضافي جاين جي منظوري جي تجويز پڻ پيش ڪئي. هن ايوان جي ذريعي تعليم واري وزير کي تجويز ڏني ته اين ٽي ايس ۽ آءِ بي اي ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي ٽن مهينن وارين پگهارن بدران ماهوار پگهارون ڏنيون وڃن ۽ سندن رٽائرمينٽ جي عمر 55 سالن مان وڌائي 60 سال ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي مڪمل طور تي فراهم نه پيو ڪيو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ۽ مٺي پاڻي جي اڻاٺ سبب مقامي آبادي ۽ مالوندن کي سنگين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن وڏي وزير سنڌ ۽ آبپاشي واري وزير کان درخواست ڪئي ته سنڌ حڪومت پاڻي جي حقن جي منصفاڻي ورهاست بابت وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪري.
پنج هزار سالن کان ڌرتي جو تحفظ پيا ڪريون:ارباب لطف الله
ڪراچي(رپورٽر)پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله چيو آهي ته عمران خان کي حڪيم بلوچ ڪراچي مان هارايو،شاهه محمود قريشي جي خاندان جي ڀاتي کي ٿر ۾ هارايو،اڃا ڪنهن کي شوق آهي ته سنڌ مان ڪٿان به بيهن،چونڊ هارائي ڏيکارينداسين،سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته اسان سياستدانن جو احتساب عوام ڪندو آهي،پنج سالن کان پوءِ اسان جو احتساب ٿيندو آهي،اسان ڪم ڪرايا آهن تڏهن ته اپوزيشن جو نالو نشان مٽجي چڪو آهي،هن چيو ته متحده وارا چون ٿا ته اسان بانيان پاڪستان وارن مان آهيون،هن اسيمبلي جي پراڻي عمارت ۾ ارباب توڳاچي جي تصوير لڳل آهي،ان جا پوٽا اسان هن ايوان ۾ ويٺل آهيون،اسان پاڪستان جي حق ۾ قراداد ۾ ووٽ ڏنو هو،سنڌ جي ماڻهن پاڪستان جو بنياد رکيو هو،هن چيو ته ارغونن،ترخانن ۽ افغانين جي حملن ۾ اسان سنڌ واسين لڏپلاڻ نه ڪئي،اسان هن ڌرتي تي پنج هزار سالن کان وٺي رهيا آهيون،هن چيو ته ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ يا سنڌ ٽوڙڻ جا لفظ ايوان مان حذف ڪيا وڃن،اها ڳالهه رڪارڊ تي نه هئڻ گهرجي،ان تي اسان سنڌين جي دل آزاري ٿئي ٿي،هن چيو ته متحده وارا اڄڪلهه ٻوري بند لاش ته نٿا ڏئي سگهن ان ڪري ووٽر کي ريجهائڻ لاءِ سنڌ ٽوڙڻ جا مطالبا ڪن ٿا،
سنڌ اسيمبلي ۾ سن، مدر، سسٽر، فادر ڪوٽا جو راڄ آهي، عوام جو حقيقي خادم ته ناهي:انجنيئر عثمان
ڪراچي(رپورٽر)ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي انجنيئر عثمان سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته حصو ته ڪراچي جو ٺهندو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 286 ارب رپيا بڻجي ٿو، پر اوهان صوبي جي ٽيڪس آمدني مان ڪراچي کي ڇا ڏنو؟ ڪجهه به نه.هاڻي مان حڪومت جي ميمبرن جون تقريرون ٻڌي رهيو هوس. ڪو چوي ٿو ته اسان شاهراهه ڀٽو ٺاهي آهي، ڪو چوي ٿو ته اسان ريڊ لائين بي آر ٽي ٺاهي رهيا آهيون، ته ڪو ڪي فور فيز ون ۽ فيز ٽو جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي،هن چيو ته مون کي ته اهي دعوائون ٻڌي کل اچي ٿي.رڳو 39 ڪلوميٽرن جي شاهراهه ڀٽو جو منصوبو ٺاهيو ويو، پر ان جي افتتاح لاءِ 39 کان به وڌيڪ وزير اچي ويا هئا.جيڪڏهن شاهراهه ڀٽو جي ڳالهه ڪريون ته اهو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٺهيو.جيڪڏهن ريڊ لائين جي ڳالهه ڪريون ته ان لاءِ پئسا ايشيائي ترقياتي بينڪ ڏئي رهي آهي.۽ جيڪڏهن ڪي فور فيز ٽو جي ڳالهه ڪريون ته ان جي مالي مدد ورلڊ بينڪ ڪري رهي آهي.هن چيو ته اڄ مان سنڌ جي حڪمرانن کي هڪ نئون نعرو ڏيڻ ٿو چاهيان،”جيئي ڀٽو” جا نعرا هڻڻ ڇڏي ڏيو، هاڻي "جيئي ورلڊ بينڪ” جا نعرا هڻڻ شروع ڪريو، ڇو ته اوهان جا اڪثر وڏا منصوبا عالمي ادارن جي قرضن ۽ مالي مدد سان هلي رهيا آهن،هن چيو ته ڪراچي کي روزانو لڳ ڀڳ 1100 ملين گيلن پاڻي گهربل آهي.پر حقيقت ۾ شهر کي صرف 640 ملين گيلن پاڻي ملي رهيو آهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي دستاويزن موجب لڳ ڀڳ 10 لک صارف روزانو 10 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ برداشت ڪري رهيا آهن.هن چيو ته سال 2024ع ۾ منهنجي تڪ ۾ منور چورنگي انڊر پاس جو منصوبو منظور ڪيو ويو.ان منصوبي جي شروعاتي لاڳت 98 ڪروڙ رپيا رکي وئي.جڏهن ته ان منصوبي لاءِ اڳواٽ ئي لڳ ڀڳ 19 ڪروڙ 30 لک رپين جي ادائيگي پڻ ڪئي وئي،هن چيو ته گذريل بجيٽ اجلاس دوران مون وڏي وزير کي درخواست ڪئي هئي ته هي منصوبو جلد مڪمل ڪرايو وڃي.پر لڳي ٿو منهنجي ڳالهه جو ابتو مطلب ورتو ويو.منصوبي کي مڪمل ڪرڻ بدران ان جي لاڳت ۾ وڌيڪ 52 ڪروڙ رپيا وڌايا ويا.منصوبي جي مجموعي قيمت لڳ ڀڳ 149 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي.ٺيڪيدار کي لڳ ڀڳ 130 ڪروڙ رپين جي ادائيگي جاري ڪئي وئي. هن چيو ته هاڻي مان هتي موجود سردار شاهه صاحب جي توجهه هن طرف ڇڪائڻ چاهيان ٿو.دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جتي جتي خانداني حڪومتون قائم رهيون آهن، اتي تباهي ۽ بدحالي ئي پيدا ٿي آهي.
ڪراچي(رپورٽر)ايم ڪيو ايم پي انجنيئر عثمان چيو آهي ته هتي اهڙا اهڙا خاندان هتي ويٺا آهن، خدا جو قسم، جيڪڏهن توهان هتان اٿي انهن جي گهر هليا وڃو ته اتي ئي اسيمبليءَ جو اجلاس ڪرائي سگهجي ٿو، ايترو ته پورو ڪورم ملي ويندو،هن چيو ته هتي پٽ ڪوٽا، ماءُ ڪوٽا، ڌيءَ ڪوٽا، سوٽ ڪوٽا، چاچي ڪوٽا، ڀيڻ ڪوٽا، هر قسم جي ڪوٽا موجود آهي. هتي پنج ويٺل ايم پي اي اهڙا آهن، مان نالا نه وٺندس، جيڪي سن ڪوٽا تي اسيمبليءَ ۾ ويٺا آهن،هن چيو ته هاڻي ڌيءَ واري ڪوٽا ڏانهن اچون ٿا. نثار کهڙي جي وڏي عزت آهي، هو پاڻ به ايم پي اي آهي ۽ سندس ڌيءَ به ايم پي اي آهي.هاڻي ڀائرن واري ڪوٽا ڏسو، ٻه سڳا ڀائر ارباب لطف الله ۽ امير امان الله هن اسيمبليءَ ۾ موجود آهن.هي خانداني سياست آهي،هن چيو ته هاڻي سعيد غني ب ڏانهن اچان ٿو، هو منهنجي لاءِ انتهائي قابلِ احترام آهن، پر پنهنجي ڀاءُ کي ٽائون ناظم بڻايو ويو، ڇا ٻيو ڪو ماڻهو نه مليو؟ڄام خان شورو پنهنجي ڀاءُ کي اڳتي آندو. ناصر حسين شاهه جو پٽ به ضلعي ناظم آهي،هن چيو ته منهنجو مقصد رڳو اهو ٻڌائڻ هو ته جڏهن جڏهن خاندانن حڪومت ڪئي آهي، تڏهن تڏهن اهڙي ئي صورتحال رهي آهي.مان صرف اهو چوڻ ٿو چاهيان ته ڇهه ڪروڙ آبادي واري سنڌ ۾ هتي عوام جو ڪو به حقيقي خدمتگار نه ويٺو آهي، سڀئي وڏيرا ۽ مخدوم ويٺا آهن.جيستائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ عوام جا سچا خدمتگار نه ايندا، تيستائين سنڌ جو بجيٽ به اهڙي ئي نموني ٺهندو رهندو.”
متحده وارا دهشت گرد ۽ ”را“ جا ايجنٽ آهن:راجا رزاق
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ميمبر راجا رزاق ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي پاڻ ئي درندا آهن، درندا ته انهن پاڻ پيدا ڪيا، سموري بربادي به انهن ئي ڪئي ۽ پوءِ اهي درندا بڻجي ويا. انهن کي پاڻ تيار ڪيو، اهي (را) جا ايجنٽ هئا، آهن ۽ رهندا،هن چيو ته اسان انهن لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. اسان انهن کي وڏي اهميت ڏني، انهن کي گهر ڏنا، زمينون ڏنيون، هتي رهڻ ڏنو. پر مون اڳ به چيو هو ته جن جي فطرت ۾ ڏنگ هڻڻ هوندو آهي، هاڻي اهي اسان کي شرم ۽ غيرت سيکارڻ آيا آهن! اسان کي شرمنده ٿيڻ جا سبق ڏين ٿا! اها ته انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، حد کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. انهن هر حد پار ڪري ڇڏي آهي.جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان اها ڳالهه واپس وٺان ٿو.پر منهنجي تربيت اهڙي ناهي جو مان گاريون ڏيان يا نامناسب لفظ استعمال ڪريان. اها منهنجي تربيت ناهي،انهن کي اها بددعا به اهڙي لڳي آهي جو اڳ چوندا هئا ته اسان کي منزل نه، رهنما گهرجي.’هاڻي نه منزل ملي اٿن ۽ نه ئي هڪ رهنما. اڄ ته چار چار، ڇهه ڇهه رهنما بڻجي ويا آهن، هن چيو ته حقيقت اها آهي ته صرف دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ته ‘اسان ڪراچي ٺاهيو.'”انهن ماڻهن وٽ هاڻي چوڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي. هو رڳو اهو چون ٿا ته ڪراچي تباهه ٿي وئي آهي. پر حقيقت اها آهي ته کين اهي سڀ ترقياتي ڪم هضم نٿا ٿين.هاڻي انهن کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، ۽ رهندي.انهن کي اهو به سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ڪراچي جي ميئرشپ هاڻي کين واپس نه ملندي.هن چيو ته سنڌي ماڻهو ته محبت وارا آهن، اسان محبت سان ڳالهائڻ وارا آهيون، پر افسوس جو ڪڏهن ڪڏهن اها ئي محبت اسان جي ڳچيءَ جو ڦندو بڻجي ويندي آهي.ڌرندر فلم لاءِ مخبري انهن ڪئي،