گل پلازا سانحو، پوليس تنوير پاستا ۽ ساٿين کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا سانحي جي ڪيس ۾ پوليس تنوير پاستا ۽ سندس ساٿين کي سانحي جو ذميوار قرار ڏيندي چالان پيش ڪري ڇڏيو، ميڊيا رپورٽن موجب پوليس طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۾ تنوير پاستا، حذيفه عمار اسماعيل، امين، محمد رمضان ۽ نعمت الله کي سانحي جو ذميوار قرار ڏنو ويو، چالان موجب تنوير پاستا يونين جو صدر، عمار اسماعيل نائب صدر، امين جنرل سيڪريٽري، محمد رمضان جوائنٽ سيڪريٽري آهي، جڏهن ته نعمت الله ان دڪان جو مالڪ آهي جتي باهه لڳي هئي، ٻئي  پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پراسڪيوشن پوليس پاران پيش ڪيل چالان تي اعتراض وارين نشاندهيون ڪندي واپس ڪري ڇڏيو ۽ جاچ کي ناڪافي قرار ڏنو، ذريعن موجب پراسڪيوشن هدايت ڪئي آهي ته چالان سان گڏ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ به شامل ڪئي وڃي، ان کان علاوه گل پلازا جي ڀرپاسي عمارتن جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ چالان جو حصو بڻائڻ لاءِ چيو ويو، پراسڪيوشن موجب پوليس گلن جي دڪان جي آس پاس موجود ڪنهن به اکين ڏٺي شاهد کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن سبب جاچ اڃا مڪمل نه ٿي سمجهي وڃي، ذريعن موجب پوليس چار صفحن تي ٻڌل چالان ۽ سوين ٻيا دستاويز پراسڪيوشن کي فراهم ڪيا هئا.

 

You might also like