وچ اوڀر ۾ جنگي خطرا، گڏيل عرب امارتن جو ڀارت کان براهموس ميزائل ۽ آڪاش تير نظام خريد ڪرڻ تي غور

دبئي (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ تازن جنگي خطرن ۽ سيڪيورٽي خدشن کانپوءِ گڏيل عرب امارتن پنهنجي دفاعي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڀارت کان جديد هٿيار خريد ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب، ڀارت ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ براهموس سپر سونڪ ڪروز ميزائل جي خريداري بابت ڳالهيون جاري آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي، پر ان تي تيزيءَ سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي.
رپورٽ موجب، گڏيل عرب امارتن ڀارت جي ايئر ڊفينس سسٽم آڪاش تير ۾ پڻ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
ڀارتي اختيارين ۽ گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزارت هن معاملي تي باضابطا طور ڪو به تبصرو نه ڪيو آهي.
واضح رهي ته براهموس ميزائل ڀارت ۽ روس جو گڏيل منصوبو آهي، جيڪو دنيا جي تيز ترين ڪروز ميزائلن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان کي زمين، سمنڊ ۽ فضا مان فائر ڪري سگهجي ٿو.
آڪاش تير هڪ پاڻمرادو فضائي دفاعي نظام آهي، جيڪو ڀارت جي سرڪاري ڪمپني ڀارت اليڪٽرانڪس لميٽيڊ ۽ ڀارتي فوج جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، گڏيل عرب امارتن وچ اوڀر ۾ تازن جنگي حالتن ۽ ايراني حملن کانپوءِ پنهنجي دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هٿيارن جي خريداري جا منصوبا تيز ڪيا آهن، جڏهن ته آبناءِ هرمز جهڙي اهم واپاري گذرگاهه جي تحفظ کي به اهميت ڏني پئي وڃي.
ماهرن موجب، براهموس جي امڪاني وڪري لاءِ روس جي منظوري پڻ ضروري هوندي، ڇو ته اهو ڀارت ۽ روس جو گڏيل منصوبو آهي، پر روس ۽ گڏيل عرب امارتن جي لاڳاپن سبب اهو وڏو مسئلو نه سمجهيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارتن وٽ اڳ ۾ ئي آمريڪي ساخت جا MGM-168 ATACMS ميزائل، ٿاد (THAAD) ۽ پيٽريئٽ جهڙا جديد دفاعي نظام موجود آهن.
جيتوڻيڪ ڀارت جي هٿيارن جي برآمدات جا ڪيترائي معاهدا ماضي ۾ مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، پر ماهرن جو خيال آهي ته نار ملڪن سان اهڙن دفاعي معاهدن جا امڪان هاڻي وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن.

 

You might also like