واٽس ايپ ۾ ڳجھي ۽ ڪم جي ٽيڪنيڪ

ڇا توهان سمجهو ٿا ته ڪنهن شخص توهان کي واٽس ايپ تي بلاڪ ڪيو آهي، پر اهو ڄاڻڻ ممڪن ناهي؟

مطلب تھ توهان ڪنهن کي ميسيج موڪليندا آهيو ۽ رڳو هڪ گرين چيڪ مارڪ نظر اچي ٿي، پروفائل تصوير غائب ٿي وڃي ٿي.

اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان واھپيدار پنهنجي ”لاسٽ سين“ آپشن بند ڪيو هجي، پر يقين سان ڪجهه چوڻ ڏکيو هوندو آهي.

پر هاڻي توهان سولائي سان ڄاڻي سگهو ٿا ته واٽس ايپ تي توهان کي ڪنهن بلاڪ ڪيو آهي يا نھ.

واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب واٽس ايپ ۾ موجود هڪ سيڪيورٽي فيچر ذريعي توهان بلاڪ اسٽيٽس کي ڄاڻي سگهو ٿا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ جو آٽوميٽڪ انڪرپشن وييريفڪيشن توهان خاموشي سان بلاڪ ڊٽيڪشن لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.

عام طور تي هي فيچر ڪنهن چيٽ جي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جي حفاظت جي تصديق لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

هي فيچر ڪانٽيڪٽ انفارميشن اسڪرين ۾ موجود هوندو آهي. توهان ڪنهن چيٽ کي کوليو ۽ مٿي موجود ڪانٽيڪٽ نالي تي ڪلڪ ڪري انڪرپشن آپشن چونڊيو.

اهو ڪرڻ سان واٽس ايپ پاڻمرادو تصديق ڪندي ته هن گفتگو کي انڪرپشن جي حفاظت حاصل آهي.

نئين رپورٽ موجب جيڪڏهن سڀ ڪجهه نارمل هجي ته ويريفڪيشن جو عمل سولائي سان مڪمل ٿي ويندو آهي.

پر جڏهن واٽس ايپ تصديق نه ڪري سگهي ۽ متبادل طريقا تجويز ڪري، ته اهو ممڪن طور بلاڪ ٿيڻ جو اشارو هوندو آهي.

وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن عمل دوران ٻئي شخص کي ڪو به اطلاع نه ڏنو ويندو آهي.

مطلب تھ توهان خاموشي سان ڪنهن کي ڄاڻ ڏيارڻ کانسواءِ اهو چيڪ ڪري سگهو ٿا.

اهو ياد رکڻ گهرجي ته واٽس ايپ باضابطه طور تي اها تصديق نه ڪئي آهي ته اهو بلاڪ چيڪ ڪرڻ وارو ٽول آهي.

رپورٽ موجب، جيتوڻيڪ ان مان بلاڪ بابت اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پر ان کي مڪمل ثبوت بدران صرف هڪ مضبوط اشارو سمجهڻ گهرجي.

You might also like