پنڪ بس ۾ عورتن آڏو غير اخلاقي حرڪتون ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پنڪ بس ۾ ويٺل عورتن آڏو غير اخلاقي حرڪتون ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، راشد منهاس روڊ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب راشد منهاس روڊ تي پنڪ بس ۾ ويٺل عورتن آڏو غير اخلاقي حرڪتون ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار کي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب

جوابدار کي جوهر آباد پوليس فيڊرل بي ايريا مان گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سڃاڻپ ارسلان احمد طور ٿي آهي، جنهن جاچ دوران غير اخلاقي حرڪتن جو اعتراف ڪندي وڊيو بيان به رڪارڊ ڪرايو، بيان ۾ هن پنهنجي عمل تي افسوس ۽ معافي جو اظهار ڪيو، جوابدار وڊيو بيان ۾ چيو ته مون کان غلطي ٿي وئي، سمورين مائرن ۽ ڀينرن کان معافي گهران ٿو، مون کي معاف ڪيو وڃي.

 

You might also like