هاڻ ڪيسن جي چالانن جي سخت جاچ ٿيندي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ حڪومت ڏوهي ڪيسن جي جاچ ۽ ڪيسن جي چالانن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم قدم کڻندي چالانن جي جاچ پڙتال لاءِ هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي قانون واري کاتي باقاعده  نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن سنڌ عامر فاروقي ڪندو، جڏهن ته 10 رڪني ڪميٽي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پراسيڪيوشن کاتي جي سينيئر آفيسرن کي شامل ڪيو ويو، ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ، اي آءِ جي ليگل علي شير جکراڻي، ڊائريڪٽر ليگل اينٽي ڪرپشن محمد اشرف سومرو، ڊي جي نارڪوٽڪس ونگ، ايڪسائيز کاتي جا نمائندا ۽ پراسيڪيوشن جا اعليٰ عملدار شامل آهن، حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي فوجداري ڪيسن جي چالانن جي پري ٽرائل اسڪروٽني لاءِ جامع طريقيڪار ۽ ايس او پيز تيار ڪندي ته جيئن عدالتن ۾ پيش ٿيندڙ ڪيسن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي، ڪميٽي کي اها ذميواري پڻ سونپي وئي آهي ته هو ڏوهي ڪيسن ۾ موجود قانوني ۽ انتظامي رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري انهن جي حل لاءِ سفارشون تيار ڪري حڪومت کي رپورٽ پيش ڪري، اختيارين موجب هن قدم جو مقصد جاچ جي عمل، چالانن جي تياري ۽ پراسيڪيوشن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ آهي ته جيئن ڪيسن جي فيصلن ۾ غيرضروري دير ۽ فني خامين کي گهٽائي سگهجي.

 

You might also like