ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ شهيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي، پر محرم الحرام جي تقدس کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پيپلز پارٽي هي ڏينهن نهايت احترام ۽ عقيدت سان ملهائي رهي آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي سربلندي، عوامي حقن جي تحفظ ۽ آمريت خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي،هن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نعيم احمد کرل جي وفات تي دلي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو سندس ويجهو ساٿي هو ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان ثابت قدمي سان بيٺو رهيو. هن چيو ته نعيم احمد کرل جون سياسي خدمتون ۽ پارٽي لاءِ ڪيل جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اپوزيشن جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ هو باهمي اختلافن ۽ اندروني انتشار جو شڪار آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندن قيادت هڪ ئي آهي ۽ سندن قيادت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي ته هو انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئا ۽ پنهنجون ذميواريون ڪيئن ادا ڪري رهيا هئا. هن چيو ته هو آمراڻه سوچ جو قائل نه آهي ۽ جيڪڏهن اپوزيشن تنقيد ڪري ٿي ته اهو جمهوري عمل جو حصو آهي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪراچي ۾ ٿي رهيا آهن. عوامي سهولتن، انفراسٽرڪچر ۽ شهري ترقي جي منصوبن تي ڀرپور توجهه ڏني پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي ۾ ايڊوانس ادائگي ڪئي وئي هئي ۽ حڪومت پاڻ ان ادائگي جي ذميوار آفيسر خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي. هن چيو ته بي آر ٽي جي لاٽ ون ۾ مڪس ٽريفڪ لين جلد کولي پئي وڃي جنهن سان شهرين کي سفري سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري ۽ آساني ميسر ايندي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽرانسپورٽرن کي قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، اهو درست ناهي ته ڪو ڀڃڪڙي ڪري، چالان ٿئي ۽ پوءِ ڏنڊ به ادا نه ڪري. قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي ۽ ان تي عملدرآمد ضروري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي ۾ ڪا به تبديلي نه اچي رهي آهي ۽ ڪجهه عنصرن پاران پکڙيل تاثر حقيقتن جي برعڪس آهي. هن چيو ته ڪجهه اينڪرن جي عادت بڻجي وئي آهي ته اهي حقيقتن بدران قياس آرائين ۽ پروپيگنڊا کي بنياد بڻائين ٿا. سندس چوڻ هو ته هن وقت صوبي ۾ هڪ باصلاحيت ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار وڏو وزير موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اظهار جي آزادي ۽ جمهوري قدرن تي يقين رکي ٿي ۽ پيڪا جهڙن قانونن جي استعمال بابت پارٽي جو موقف واضح آهي ته اظهار جي آزاديءَ جو تحفظ ضروري آهي