ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ننگرپارڪر واسي اجازت نه ڏيندا: قاسم سراج سومرو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نگرپارڪر مان چونڊيل ايم پي اي قاسم سراج سومرو ڪارونجهر جبل ۽ ننگرپارڪر  جي ٻين پهاڙين جي ڪٽائي واري رٿا خلاف سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ننگرپارڪر جو هڪ هڪ ماڻهو ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ اتي مائيننگ ڪرڻ جي خلاف آهي، تنهنڪري اهڙي ڪنهن به عمل جي اجازت نه ڏني ويندي.اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته گذريل ڏينهن هڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر ايم پي اي دوست طرفان ڪارونجهر ۾ مائيننگ ڪرڻ جي حمايت ڪئي وئي هئي، پر اها فلاسفي سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي علائقي ۾ لڳ ڀڳ 20 ارب روپين جي لاڳت سان ننڍا ڊيم ٺهرايا آهن. انهن ڊيمن جي پاڻي جو واحد ذريعو اُتي جون پهاڙيون آهن. جڏهن کان اهي ڊيم ٺهيا آهن، نگرپارڪر مان ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ مائيگريشن بند ٿي وئي آهي، واٽر هارويسٽنگ ٿي آهي، ايڪولوجيڪل آرڊر بحال ٿيو آهي ۽ وائلڊ لائيف جو تحفظ ٿيو آهي. هن وقت اتي انڊر گرائونڊ پاڻي بهتر ٿيڻ سبب زراعت پڻ ٿي رهي آهي.قاسم سراج سومرو چيو ته مائيننگ ڪندڙ ڪمپنيون چئي رهيون آهن ته اتي صنعتون لڳنديون، پر سوال اهو آهي ته انهن صنعتن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ اسان وٽ اڳي ئي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. اتي جيڪو پاڻي آهي اهو برساتن جو آهي جنهن تي مقامي ماڻهو گذارو ڪن ٿا. جيڪڏهن اتي مائيننگ جي نالي تي نگرپارڪر جي هڪ کان ڏيڍ لک ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو ته اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.هن واضح ڪيو ته مان ننگرپارڪر جي سڄي سوسائٽي ۽ اتي جي رهواسين جو نمائندو آهيان، چاهي ڪو منهنجو ووٽر هجي يا نه، پر ننگرپارڪر جو عوام پنهنجي ڌرتي تي اهڙي مائيننگ جي اجازت ڪڏهن به نه ڏيندو. قاسم سراج سومرو وڌيڪ چيو ته چاهي اهو ڪارونجهر جبل هجي، کارسر جي پهاڙي هجي، چوڙيو جو مندر هجي يا ننگرپارڪر جون ٻيون ننڍيون وڏيون پهاڙيون هجن، اهي سڀ اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ سڃاڻپ آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ جبل ڪٽڻ وارو مائينڊ سيٽ اسان جي علائقي ۾ نه اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي علائقي جي پنهنجي تاريخ ۽ هڪ الڳ حيثيت آهي جنهن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

 

You might also like