سنڌ ۾ ڪي پي واسي به ايم پي اي بڻيل آهن،هي ڌرتي محبت ڪندڙ آهي:اعجاز سواتي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ ايم پي اي اعجاز خان سواتي سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي تقرير ڪندي چيو  آهي ته ِ اسان ڪنهن کي به پنهنجو ڀاءُ يا سنڌ جو ٻار ورهائڻ نه ڏينداسين. ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست قبول نه ڪئي ويندي.هن چيو ته مان هڪ پختون آهيان  مان به پنهنجن ٻارن کي وصيت ڪري ويندس ته مان دنيا جي ڪنهن به هنڌ مري وڃان، پر منهنجي ميت هن سنڌ ڌرتيءَ تي آڻي دفن ڪئي وڃي.هيءَ ڌرتي پاڪستان جي اها واحد ماءُ ڌرتي آهي، جيڪا اسان کي محبت سيکاري ٿي، اسان کي پيار سيکاري ٿي.هن چيو ته مان رڳو پنهنجن انهن ساٿين کي چوڻ ٿو چاهيان ته اوهان آخر ڪنهن سان وڙهڻ جون ڳالهيون ٿا ڪريو؟ ڇا اوهان کي سنڌ يا سنڌ جي تاريخ جي ڪا ڄاڻ آهي؟ ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهان ڪنهن سان وڙهڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو؟ ڇا اوهان ڪڏهن سومرن جي تاريخ پڙهي آهي؟ ڇا ٽالپرن جي تاريخ پڙهي آهي؟ ڇا ڪلهوڙن جي تاريخ پڙهي آهي؟اوهان ميمڻ آهيو، سيد آهيو، جوکيا آهيو، جاڪراني آهيو، جتوئي آهيو يا بلوچ آهيو؛ سڀ کان پهرين پنهنجي تاريخ پڙهو هن  چيو ته جڏهن مان اهڙيون ڳالهيون ٻڌندو آهيان ته هن ڌرتيءَ تي مون کي حيرت ٿيندي آهي. مان سوچيندو آهيان ته هي سنڌ ڌرتي آخر ڪهڙي مٽيءَ جي ٺهيل آهي؟ هتي جا ماڻهو ڪهڙي مٽيءَ مان پيدا ٿيا آهن؟ اهي ماڻهو، جيڪي گاريون به کائن ٿا، الزام به برداشت ڪن ٿا، پنهنجي مٿان بهتان به ٻڌن ٿا، پر پوءِ به مرڪندا رهن ٿا ۽ هٿ جوڙي محبت سان جواب ڏين ٿا. اهي آخر ڪهڙي مٽيءَ جا ماڻهو آهن؟هن چيو ته جڏهن مان سنڌ ڏسان ٿو ته مون کي ڪراچي کان ڪشمور تائين هر ڪاليج ۽ هر يونيورسٽيءَ ۾ خيبر پختونخوا مان آيل نوجوان نظر اچن ٿا. مون کي پنجاب جا نوجوان نظر اچن ٿا. مون کي گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جا نوجوان به تعليم حاصل ڪندي نظر اچن ٿا.جڏهن مان ڪراچي کان ڪشمور تائين اسپتالون ڏسان ٿو ته اتي به مون کي خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ ٻين صوبن مان آيل مريض علاج ڪرائيندي نظر اچن ٿا.هن چيو ته هتي روزگار ۽ واپار ڏسان ٿو ته مون کي سڄي پاڪستان مان آيل ماڻهو هتي ڪاروبار ڪندي نظر اچن ٿا. اهي هتي جو ڍانچو (انفراسٽرڪچر) استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ وڃي پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ملڪيتون ٺاهين ٿا.ان سڀ جي باوجود سنڌ ڌرتيءَ مان ڪڏهن به اها آواز نه اٿي آهي ته جيڪي ماڻهو ورهاست جون ڳالهيون ڪن ٿا، وڙهڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، تن کي هتان ڪڍي ٻاهر اڇليو وڃي.هن چيو ته بار بار پنجاب جو مثال ڏنو وڃي ٿو ۽ اسان جي پنجاب سان ڀيٽ ڪئي وڃي ٿي. پنجاب اسان جو وڏو ڀاءُ آهي، پر مان وڏي ڏک سان پنهنجن ساٿين کي چوڻ ٿو چاهيان ته هي سنڌ ڌرتي آهي، جتي خيبر پختونخوا مان آيل ماڻهو به اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيل آهي، سرڪاري عهديدار به آهي، زميندار به آهي ۽ واپاري به آهي.هن چيو ته توهان پنجاب جي ڳالهه ڪريو ٿا، پر هتان وڃي پنجاب ۾ سياست ڪري ڏيکاريو. توهان اتي يونين ڪائونسلر جي هڪ سيٽ به نٿا کٽي سگهو.هن چيو ته  مان چوان ٿو ته زمينن تي قبضا ڪندڙن جي فهرست ڪڍي ڏسو، ته اڪثر ٻين صوبن مان آيل ماڻهو ئي هتي زمينن تي قبضا ڪندڙ بڻيل آهن، جڏهن ته هن ڌرتيءَ جو اصلي سنڌي پٽ پنهنجي ئي کاتي کان پنهنجي زمين بچائڻ ۾ لڳو پيو آهي،هن چيو ته جنهن سنڌ ڌرتيءَ جي پٽ جي زمين هئي، انهن زمينن تي قبضا ڪيا ويا، ماڻهو لينڊ گريبر بڻجي ويا، وڏا وڏا بلڊر بڻجي ويا، ادارن انهن جون زمينون ٻين کي الاٽ ڪري ڇڏيون. تنهن ڪري زمينن تي قبضا ڪندڙن جي فهرست ضرور ڪڍي ڏسو.

 

You might also like