اسلام آباد(منيزي جهانگير) پهريون ڀيرو صوبن وفاق سان اهو معاهدو ڪيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت کين جيڪا رقم ملڻي آهي، ان مان ڪجهه حصو هو وفاق کي واپس ڪندا.۽ اها رقم ڪا معمولي نه آهي، پر لڳ ڀڳ هڪ هزار هڪ سئو ارب رپيا آهي.هي معاهدو ۽ هي فيصلو سامهون اچڻ سان سياسي حلقن ۾ وڏي هلچل مچي وئي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي ناقدن چيو ته هي ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٿيل مالي معاهدي جي روح جي ابتڙ آهي.انهن جو چوڻ هو ته آئين تحت اهو فيصلو ٿيل آهي ته صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ مان جيڪا رقم گذريل سال ملي هئي، ان کان گهٽ رقم نٿي ڏئي سگهجي،آئين چوي ٿو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ملندڙ حصو گذريل سالن کان گهٽ نه ٿي سگهي. اهو يا ته وڌي سگهي ٿو يا ساڳيو رهي سگهي ٿو.پر وفاق جو موقف آهي ته اسان مالي طور ڪمزور ٿي ويا آهيون. اسان وٽ قرضن جي ادائيگي لاءِ پئسا ناهن، دفاعي بجيٽ لاءِ پئسا ناهن، پينشن ڏيڻ لاءِ به وسيلا ناهن، پوءِ اسان اهي پئسا ڪٿان آڻيون؟ناڻي واري اڳوڻي صوبائي وزير مزمل اسلم ٻڌايو ته قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ اهڙو ڪو فيصلو نه ٿيو هو.هن واضح لفظن ۾ چيو ته اسين وفاق کي اها رقم تڏهن ئي واپس ڏينداسين، جڏهن اسان جي ملاقات عمران خان سان ڪرائي ويندي، هن معاملي جو هڪ ٻيو به تمام دلچسپ پهلو آهي.اهو هي آهي ته صوبا وفاق کي اها رقم تڏهن ئي واپس ڪندا، جڏهن ايف بي آر پنهنجو ٽيڪس گڏ ڪرڻ وارو هدف پورو ڪندو.ايف بي آر لاءِ هن سال ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف 15 هزار 280 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هدف هن مالي سال دوران حاصل ڪرڻو آهي. يعني جيڪڏهن ايف بي آر مقرر ڪيل حد تائين ٽيڪس گڏ ڪندو، ته ان کان مٿي جيڪا اضافي آمدني ٿيندي، ان مان صوبا وفاق کي لڳ ڀڳ 1,100 ارب رپيا واپس ڏيندا.پر جيڪڏهن ايف بي آر پنهنجو هدف ئي حاصل نه ڪري سگهيو، ته پوءِ اهي سمورا پئسا صوبن وٽ ئي رهندا، ۽ وفاق کي واپس ملندڙ رقم به ان حساب سان گهٽ ٿيندي ويندي.تنهن ڪري، جيڪڏهن ايف بي آر پنهنجو مڪمل هدف حاصل ڪري ٿو، ته صوبا وفاق کي هڪ هزار هڪ سئو ارب رپيا واپس ڪندا.پر جيڪڏهن هدف پورو نه ٿيو، ته صوبا به گهٽ رقم واپس ڪندا.اهو هن سموري معاهدي جو هڪ تمام اهم ۽ دلچسپ پهلو آهي. صوبا هڪ خاص مقصد لاءِ وفاق کي مالي مدد طور اها رقم واپس ڏيندا.ان کان پوءِ اها ڳالهه به واضح ڪئي وئي ته هن رقم کي "اسٽريٽجڪ فنڊ” طور رکيو ويندو.حڪومت جو چوڻ هو ته اهڙو فنڊ ان ڪري ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به وقت ملڪ کي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪنهن ڇڪتاڻ يا تڪرار کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ان کان علاوه موسمياتي تبديلي جهڙين هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ به اهڙي فنڊ جي ضرورت پوندي.هاڻي اچو ته هڪ ٻي اهم ڳالهه ڏانهن.هن سال قومي مالي معاهدي (نيشنل فسڪل پيڪٽ) بابت به هڪ نئين شرط سامهون آئي.گذريل سال به وفاق ۽ صوبن وچ ۾ قومي مالي معاهدو موجود هو، پر هن ڀيري صوبن کي چيو ويو ته هو هڪ کرب 95 ارب رپين (1.95 ٽريلين رپيا) جو ڪيش سرپلس ڏيکارين.هي مطالبو آءِ ايم ايف طرفان ڪيو ويو آهي ايف بي آر جي چيئرمين راشد به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ايف بي آر لاءِ هڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ جيڪڏهن ايف بي آر اهو هدف حاصل نه ڪندو ته پوءِ صوبن طرفان وفاق کي واپس ڪيل رقم به ان حساب سان گهٽ ٿيندي ويندي. حقيقت اها آهي ته گذريل مالي سال دوران ايف بي آر کي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ لڳ ڀڳ 800 ارب رپين جي کوٽ (شارٽ فال) آئي هئي.اها هڪ تمام وڏي کوٽ هئي. قومي مالي معاهدي تحت هن ڀيري پهريون ڀيرو وفاق صوبن کي چيو آهي ته هو 1.95 ٽريلين رپين جو ڪيش سرپلس ڏيکارين.هي مطالبو به آءِ ايم ايف طرفان ڪيو ويو آهي.جيتوڻيڪ قومي مالي معاهدو اڳ به وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر هن ڀيري هڪ نئين ڳالهه شامل ڪئي وئي.اها نئين ڳالهه هيءَ هئي ته صوبن کي چيو ويو ته جيڪو سرپلس هوندو، اهو خرچ نه ڪري سگهندا.مثال طور، جيڪڏهن خيبر پختونخوا ۾ ٻوڏ اچي وڃي، يا خدا نه ڪري بلوچستان ۾ زلزلو اچي وڃي، تڏهن به اهو سرپلس خرچ نه ڪري سگهندا.ظاهر آهي، اها ڳالهه صوبن کي پسند نه آئي هوندي.پر هن معاملي تي پ پ ايم اين اي شرميلا فاروقي جو چوڻ آهي ته اسان کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوهان اهو ڪيش سرپلس استعمال نٿا ڪري سگهو، ڇاڪاڻ ته اهو سرپلس طور ڏيکارڻو آهي،ٻئي طرف، پاڪستان تحريڪ انصاف جي معيشت ۽ ناڻي بابت ترجمان مزمل اسلم چيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي. جيڪڏهن اسان وٽ ڪيش سرپلس موجود آهي ته اهو اسان جو پنهنجو اختيار آهي ته اسين اهو خرچ ڪريون يا نه ڪريون.،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڃا تائين هن معاملي تي مڪمل وضاحت موجود ناهي.يعني اهو اڃا تائين واضح ناهي ته 1.95 ٽريلين رپين جو ڪيش سرپلس صوبا خرچ ڪري سگهن ٿا يا نه.ڇا صوبا پنهنجي مرضي سان چئي رهيا آهن ته هو اهو سرپلس خرچ نه ڪندا؟جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڪو اهڙو قانون به موجود ناهي، جيڪو کين مجبور ڪري سگهي ته هو اهي پئسا خرچ نه ڪن.تنهن ڪري اهو به اڃا تائين هڪ تمام وڏو سوال آهي. معاشي ماهر ڊاڪٽر حفيظ پاشا جو چوڻ آهي ته عملي طور تي هن بندوبست سان اين ايف سي ايوارڊ کي بي اثر ڪيو ويو آهي.هن وضاحت ڪندي چيو ته پيٽروليم ليوي اصل ۾ هڪ قسم جو ٽيڪس آهي، پر حڪومت ان کي ٽيڪس چوڻ بدران هڪ ليوي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ان جو نتيجو اهو نڪتو ته پيٽروليم ليوي مان حاصل ٿيندڙ آمدني ورڇ جوڳي پول ۾ شامل ئي ناهي،ڊاڪٽر حفيظ پاشا موجب، جڏهن ان رقم کي به شامل ڪيو وڃي، ۽ ان سان گڏ صوبن کان ورتل ڪيش سرپلس کي به ڏٺو وڃي، ته عملي طور صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ 57.5 سيڪڙو حصو هاڻي گهٽجي صرف لڳ ڀڳ 42 سيڪڙو رهجي ويو آهي.سندس خيال ۾، ان جو مطلب اهو ٿيو ته آئين جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.ڇاڪاڻ ته آئين جي آرٽيڪل 160 واضح طور تي چوي ٿو ته صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت جيڪو حصو هڪ ڀيرو ملي چڪو آهي، ان کي وڌائي سگهجي ٿو يا ساڳيو رکي سگهجي ٿو، پر ايندڙ سالن ۾ ان کي گهٽائي نٿو سگهجي.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن سال جي بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ هر شعبي ۾ ڪٽوتيون ڪيون ويون آهن، خاص طور تي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي بجيٽ گهٽائي وئي آهي.پر جيڪڏهن دفاعي بجيٽ تي نظر وجهجي ته ان ۾ 17.65 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف، جيڪڏهن پينشن جي بجيٽ ڏسجي ته اها به وڌي وئي آهي.ايندڙ مالي سال لاءِ پينشن جي مد ۾ هڪ کرب 17 ارب رپيا (1.17 ٽريلين رپيا) رکيا ويا آهن.ان مان سڀ کان وڏو حصو، يعني 822 ارب رپيا فوجي پينشنن لاءِ رکيو ويو آهي، جڏهن ته 272 ارب رپيا سول ملازمن جي پينشن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن.هن چيو ته جيڪڏهن هندستان جي دفاعي خرچن ۽ فوجي بجيٽ تي نظر وجهجي ته اها پاڪستان جي ڀيٽ ۾ تمام وڏي آهي.پر جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري جو مقابلو ڪجي ته هندستان کي لڳ ڀڳ 47 ارب آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري ملي ٿي، جڏهن ته پاڪستان کي رڳو 2.4 ارب آمريڪي ڊالر ملي رهيا آهن.يعني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لڳ ڀڳ 45 ارب ڊالر جو فرق موجود آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن بجيٽ کان اڳ اسلام آباد جي سياسي حلقن ۾ اٺاويهين آئيني ترميم بابت به تمام گهڻي بحث هلي رهي هئي. ڇا هي بندوبست ارڙهين آئيني ترميم کي آهستي آهستي ختم ڪرڻ جي پهرين وک آهي؟ڇا هي صوبن جي مالي وسيلن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي شروعات آهي؟يا اڳ ۾ ئي صوبن کي ملندڙ حصو عملي طور گهٽايو وڃي رهيو آهي؟۽ ڇا هن طريقي سان اٺاويهين آئيني ترميم آڻڻ لاءِ زمين هموار ڪئي پئي وڃي؟اسلام آباد جا ڪيترائي صحافي ۽ سياسي تجزيه نگار سمجهن ٿا ته وفاق ۽ صوبن پاڻ ۾ ويهي هڪ نئون بندوبست طئي ڪري ورتو آهي.هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا صوبا هن نئين بندوبست جي مزاحمت ڪندا يا نه؟ يا پوءِ اٺاويهين آئيني ترميم آندي ويندي، جنهن ذريعي آئين ۾ تبديليون ڪري وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سالن کان هلندڙ مالي بندوبست کي نئين سر ترتيب ڏني ويندي؟