گلگت بلتستان ۾ پ پ جي حڪومت ٺاهڻ جي رستي ۾ رنڊڪون،اپ سيٽ ٿيڻ وارو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناليواري تجزئي نگار  سجاد انور چيو آهي ته  گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺاهڻ ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، تمام گهڻي سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ۽ هڪ وڏو اپ سيٽ ٿيڻ وارو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت يا ڪجهه پويان ويٺل حلقا نٿا چاهين ته   پيپلز پارٽي حڪومت سگهي، هاڻي پيپلز پارٽي جون سيٽون گهٽائي 9 ڪيون ويون آهن، انهن کي 3 مخصوص سيٽون مليون، پوءِ مجموعي 12 ٿي ويون.مسلم ليگ نون وٽ 3 سيٽون هيون، پوءِ 6 ڪيون ويون، پوءِ 3 مخصوص سيٽون ملائي 9 ٿي ويون.آزاد اميدوارن وٽ 6 سيٽون ٿي ويون.انهيءَ حساب سان مسلم ليگ نون ۽ آزاد اميدوار گڏجي اڪثريت ۾ اچي ويا آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي آزاد اميدوارن سان اتحاد نه ڪري ٿي ته حڪومت نه ٺهي سگهندي،هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه اهڙي طريقي سان ڪيو ويو آهي جو نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن ۽ مخصوص سيٽن جا اعلان به تڪراري انداز ۾ ڪيا ويا آهن.هاڻي سياسي حالتن ۾ اهڙو ماحول آهي جتي نتيجن کي تبديل ڪري اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ نون وفاقي اتحاد بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي سان گڏ بيهي ٿي ته پوءِ ئي حڪومت ٺهي سگهي ٿي، نه ته بحران وڌندو.ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هن سڄي صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار آهي، جنهن سان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون جي وچ ۾ فاصلا وڌي رهيا آهن.ان سان گڏ پي ٽي آءِ لاءِ به سياسي گنجائش پيدا ٿي رهي آهي.پي ٽي آءِ کي ڪجهه آڇون به ڏنيون پيون وڃن، جن ۾ شرطون آهن ته مخصوص وقت تائين خاموشي اختيار ڪئي وڃي، ۽ سياسي صورتحال کي نه ڇيڙيو وڃي.جيڪڏهن تعاون ٿيو ته ڪجهه رعايتون به ملي سگهن ٿيون، جهڙوڪ ضمانتون ۽ ٻين سهولتن ۾ نرمي.پر جيڪڏهن عمران خان اهڙي آڇ قبول نه ڪئي ته صورتحال مختلف ٿي سگهي ٿي،هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جو نظام بنيادي طور پوسٽ ڪالونيل آهي، ملڪ پوليس، بيوروڪريسي ۽ عدالتي نظام اڃا تائين مڪمل طور سڌارا نه ڏٺا آهن.انڊيا ۽ ٻين ملڪن سان ڀيٽ ڪندي هن چيو ته اتي سول ادارن جو ڪردار وڌيڪ مضبوط آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ادارن جو اثر وڌيڪ آهي.هن اهو به چيو ته ملڪ ۾ سياسي مسئلن کان وڌيڪ اصل مسئلو حڪمراني، انتظامي سڌارا، ۽ معيشت کي درست ڪرڻ آهي.

پ پ پاران گلگت  بلتستان لاءِ امجد حسين وڏو وزير نامزد

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان لاءِ امجد حسين ايڊووڪيٽ کي وزيراعليٰ نامزد ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب امجد حسين ايڊووڪيٽ هن وقت پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جو صدر پڻ آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو گلگت ريجن مان ڪنهن شخص کي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيو آهي، رپورٽن موجب تازي گلگت بلتستان چونڊن ۾ پيپلز پارٽي 9 سيٽن سان وڏي پارٽي طور سامهون آئي  آهي.ٻئي پاسي مسلم ليگ ن ۽ پ پ وچ ۾ فارمولو طئي ٿي ويو آهي،گلگت بلتستان ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي،ن ليگ اپوزيشن ۾ ويهندي،جڏهن ته گورنر شپ به ن ليگ کي ڏني ويندي،ڊپٽي اسپيڪر پ پ جوهوندو،آءِ پي پي کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو بلاول ڀٽو زرداري ڪندو

گلگت ۾ پ پ جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: نيئر بخاري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نير حسين بخاري چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ معاملا آئين ۽ قانون موجب نٿا هلايا وڃن، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي نيئر بخاري چيو ته هڪ آزاد اميدوار جي شموليت کان پوءِ گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جون سيٽون 12 ٿي چڪيون  آهن، سپريم اپيليٽ بينچ پيپلز پارٽي جي ٻن ڪامياب اميدوارن بابت حڪم معطل ڪندي 2 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، پوسٽل بيلٽن جي ڳڻپ ۾ ڪامياب ٿيندڙ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ هارائي مخالف اميدوار کي فارم 49 جاري ڪيو ويو، نيئر بخاري موجب چونڊ قانونن تحت پولنگ کان 14 ڏينهن اندر سرڪاري گزيٽ جاري ٿيڻ لازمي آهي، پر اڃا تائين اهو جاري ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like