ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ھندو نوجوان واپاري قتل، ھڪ نوجوان زخمي ٿي پيو، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد مرزاپور رسالدار روڊ تي ھٿياربندن ھندو دڪاندار اشوڪ ڪمار کان ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته دڪاندار ۽ سندس گڏ ويٺل سليمان جکراڻي ڏوھارين سان مزاحمت ڪئي، ڏوھارين بي خوف ٿي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، ھندو دڪاندار اشوڪ ڪمار کي پيٽ ۽ پير ۾ گوليون لڳيون، سليمان جکراڻي کي ھٿ ۾ گولي لڳي جنهن سبب ھو به زخمي ٿي پيو، زخمين کي سرڪار اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد به صرف خانا پوري ڪري اشوڪ ڪمار کي سکر منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سھندي اشوڪ ڪمار دم ڌڻي حوالي ڪيو، واقعي جي خبر ھندو برادري ۽ شھرين ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، اشوڪ ڪمار جي قتل تي ھندو برادري ۾ سوڳوار ماحول بڻجي ويو، ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودوديشي ڪنڌڪوٽ ۾ ڦر دوران فائرنگ ۾ هندو واپاري اشوڪ ڪمار جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، دودو ديشي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرون ۽ بيگناهه شهرين جو قتل عام انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جيڪا حڪومت جي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿي، واپاري برادري ۽ عام شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن.